Notice: Function _load_textdomain_just_in_time was called incorrectly. Translation loading for the acf domain was triggered too early. This is usually an indicator for some code in the plugin or theme running too early. Translations should be loaded at the init action or later. Please see Debugging in WordPress for more information. (This message was added in version 6.7.0.) in /home/nsindh/public_html/wp-includes/functions.php on line 6121

Notice: Function _load_textdomain_just_in_time was called incorrectly. Translation loading for the display-post-types domain was triggered too early. This is usually an indicator for some code in the plugin or theme running too early. Translations should be loaded at the init action or later. Please see Debugging in WordPress for more information. (This message was added in version 6.7.0.) in /home/nsindh/public_html/wp-includes/functions.php on line 6121

Notice: Function _load_textdomain_just_in_time was called incorrectly. Translation loading for the vibenews domain was triggered too early. This is usually an indicator for some code in the plugin or theme running too early. Translations should be loaded at the init action or later. Please see Debugging in WordPress for more information. (This message was added in version 6.7.0.) in /home/nsindh/public_html/wp-includes/functions.php on line 6121

Warning: ini_set(): Cannot change zlib.output_compression - headers already sent in /home/nsindh/public_html/wp-config.php on line 93
اُها فون جنهن لاءِ چارجر جي ضرورت نه پوندي – Daily Nawai Sindh
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

اُها فون جنهن لاءِ چارجر جي ضرورت نه پوندي

اُها فون جنهن لاءِ چارجر جي ضرورت نه پوندي
  • PublishedMarch 6, 2025

سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جو سڀ کان عام مسئلو بيٽري ختم ٿيڻ جو هوندو آهي.
ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙو فون هجي، جيڪو بنا چارجر جي پاڻمرادو چارج ٿي سگهي؟
جي ها، هڪ اهڙو فون تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو شمسي توانائي ذريعي پاڻ کي چارج ڪري سگهي ٿو.
بارسلونا ۾ موبائل ورلڊ ڪانگريس دوران هڪ چيني ڪمپني اهڙو سمارٽ فون پيش ڪيو، جنهن جي پوئين پاسي سولر پينل لڳل آهي ته جيئن سج جي روشنيءَ ۾ هلندي ڦرندي پاڻمرادو چارج ٿي سگهي.
ڪمپني موجب، هي في الحال رڳو هڪ ڪانسيپٽ ماڊل آهي، جيڪو عام استعمال لاءِ دستياب ناهي، پر اهو حقيقي طور تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.
هن فون ۾ ” سولر انرجي ريورسنگ ٽيڪنالاجي“ استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا پيرووسڪائٽ سولر سيلز تي ٻڌل آهي.
اهي سيلز تمام سنهڙا هوندا آهن ۽ انهن تياريءَ تي خرچ به سيليڪون سولر سيلز جي ڀيٽ ۾ گھٽ ايندو آهي.
فون ۾ ميڪسيمم پاور پوائنٽ ٽريڪنگ سسٽم به شامل آهي، جيڪو والٽيچ کي ڪنٽرول ڪري ٿو ته جيئن سج جي روشنيءَ سبب فون گرم نه ٿئي.
ان کانسواءِ هڪ خاص سولر پاور تي ٻڌل ڪيس به تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو بيٽري کي ٻيڻي تيزيءَ سان چارج ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
ڪمپني موجب، هي ڪيس ڏينهن جي ڪنهن به وقت سج جي روشنيءَ ۾ چارج ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته رات جو، بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ فون کي چارج ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
هي ٽيڪنالاجي خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي، جيڪي گهڻو وقت ٻاهر گذاريندا آهن يا بجلي جي مسئلن کي منهن ڏيندا آهن.

Written By
mi77i

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *