عوام جو رت چوسيندڙ گڏجي ويا، اڪيلو ڪرپشن خلاف وڙهي نٿو سگهان:وزيراعظم

April 4, 2021 at 8:09 pm

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جو رت چوسيندڙ ننڍو طبقو پاڻ کي بچائڻ لاءِ گڏجي ويو آهي، اُهي مظاهرا ڪري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته آئون خراب آهيان، حڪومت ڪيرايو، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته اين آر او نٿو ڏيان، پاڪستان ۾ 2 پارٽي سسٽم تبديل ڪري نوان ماڻهو آيا، اسان ڪجهه ته صحيح ڪري رهيا آهيون، آئون اڪيلو ڪرپشن خلاف ويڙهه نٿو ڪري سگهان، عدليه ساٿ ڏيندي ته ڪامياب ٿي سگهون ٿا،  ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نواز شريف کان پرڏيهه وڃڻ لاءِ 7 ارب رُپين جا شوئرٽي بانڊز وٺڻ جو چيو، اُن باوجود عدالت هڪ سزا يافتا ڏوهاري کي پرڏيهه اُماڻي ڇڏيو، عوام سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڀ کا وڏو عذاب قبضا مافيا جو آهي، ماضي ۾ قبضا مافيا کي حڪومتي ۽ سياسي پٺڀرائي حاصل هئي، پهريون ڀيرو حڪومت قبضا مافيا جي پٺڀرائي نه پئي ڪري، اڍائي سالن ۾ 450 ارب رُپين جي زمين تان قبضو ڇڏايو اٿئون، ايم اين ايز ۽ سياسي ماڻهو به اربين رُپين جي سرڪاري زمين تي قبضا ڪيا، والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ وارو قدم واپس ٿيڻ تائين ڀارت سان لاڳاپا معمول تي نه اچي سگهندا، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپن بابت هڪ تجويز بحث هيٺ آئي، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو ويندو، جنهن سان ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي نقصا پهچي، اسٽيٽ بئنڪ بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اڃا مٿاڇري شئي سامهون آئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي معاملي تي پارليامينٽ ۾ مڪمل بحث ڪيو ويندو، فون تي ڳالهه ٻولهه دوران عوام وزيراعظم آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، اسلام آباد واسڻ عورت مهانگائي جي شڪايت ڪندي چيو ته وزيراعظم صاحب! يا ته پنهنجو واعدو پورو ڪريو، يا اسان کي گهٻرائڻ جي اجازت ڏيو.

اي پيپر