سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن خلاف فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته سزا يا آزادي جو قطعي فيصلو اپيلن تي فيصلن سان مشروط هوندو، جن جوابدارن کي رعايت ملي سگهي ٿي تن کي آزاد ڪيو وڃي، سزا جي حقدار جوابدارن کي سزا ڏئي جيلن ۾ […]
پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پيغام اماڻيو ته انڪار نه ڪنداسين : راڻا ثناءُ الله
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪميٽي جوڙي آهي پر ڳالهين لاءِ پيغام ناهي اماڻيو، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پيغام اماڻيو ته سندن طرفان انڪار نه هوندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فائنل ڪال کان پهريان تحريڪ انصاف سان رابطو ڪيو ويو، پي ٽي […]
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 15 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 15 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي. ڪاروباري هفتي جي پنجين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي زبردست […]
پاڪستان ۽ چين ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل زرعي اوزارن جي معاهدي تي صحي
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل زرعي اوزارن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. آيس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان چين جي زرعي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري پيداوار ۽ شيون ٻاهر اماڻڻ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پنجاب حڪومت چين جي “ اَي آءِ فورس ٽيڪ” ڪمپني سان مصنوعي […]
بلاول ڀٽو زرداري مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ۽ ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ۽ ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب […]
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاريءَ، بجلي جي رهتن جي اوڳاڙيءَ لاءِ صوبن کان مدد گهري ورتي
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاريءَ، بجلي جي رهتن جي اوڳاڙيءَ لاءِ صوبن کان مدد گهري ورتي آهي. اويس لغاريءَ وزيراعظم جي قيادت ۾ بجلي ڪمپننين جي بهتري ۽ واهپيدارن لاءِ سستي بجلي لاءِ سڌارن جي شروعات ڪئي آهي. صوبائي وڏن وزيرن کي لکيل خط ۾ توانائي واري وفاقي وزير بجلي جي رهتن جي ادائگي […]
شام ۾ ڦاٿل 318 پاڪستاني بيروت مان چارٽر جهاز ذريعي پاڪستان پهچي ويا
شام ۾ ڦاٿل 318 پاڪستاني بيروت مان چارٽر جهاز ذريعي پاڪستان پهچي ويا. شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني لبنان جي رستي پاڪستان پهتا. وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي لبنان پاڪستاني شهرين کي ويزا جاري ڪيا. چارٽر جهاز پاڪستاني شهرين کي کڻي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو ته رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال […]
مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل ايڪٽ بڻجي چڪو آهي: مولانا فضل الرحمان
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل جو فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، بل تي ڏهن ڏينهن تائين صحي نه ٿيڻ تي ڇا اهو پاڻمرادو ايڪٽ ناهي بڻجي ويندو؟ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس […]
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف داخل ڪيسن بابت درخواستن جي ٻڌڻي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف داخل ڪيسن بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالتي اجازت کانسواءِ کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت چيو ته عارف علوي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جيڪڏهن عارف علوي جي خلاف ڪو ڳجهو ڪيس آهي […]
توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي تي فردم جرم لاڳو
توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي تي فردم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري […]