سينيٽ چونڊ: حڪومتي اميدوار کي پريشان ڪُن شڪست، يوسف رضا گيلاني اسلام آباد سيٽ تي سوڀ ماڻي ورتي

March 4, 2021 at 5:11 am

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي سميت سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي 37 سيٽن جي لاءِ پولنگ کان پوءِ ووٽنگ جي ڳڻپ جاري آهي جڏهن ته اسلام آباد مان وڏو نتيجو ملي ويو آهي جنهن موجب اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني عبدالحفيظ شيخ جي جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو.پنجاب جي سمورين 11 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن جڏهن ته اڄ اسلام آباد جي 2، سنڌ جي 11، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي 12-12 سيٽن تي ووٽنگ ٿي. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سميت سمورين صوبائي اسيمبلين جي هال کي پولنگ اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو.سينيٽ چونڊن جو سڀ کان وڏو اپ سيٽ ٿي ويو ۽ اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي حڪومتي اميدوار ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ کي پي ڊي ايم جي اميدوار اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني شڪست ڏئي ڇڏي آهي. نتيجو اچڻ کان پوءِ عبدالحفيظ شيخ يوسف رضا گيلاني کي واڌايون ڏنيون.بلوچستان اسيمبلي مان مليل نتيجن جي تحت بلوچستان عوامي پارٽي جو سرفراز بگٽي ۽ منظور ڪاڪڙ جڏهن ته بي اي پي ۽ تحريڪ انصاف جو حمايت يافته اميدوار عبدالقادر ڪامياب ٿيا آهن، ان کان سواءِ جي يو آءِ ف جو مولانا عبدالغفور حيدري، بي اين پي مينگل جو محمد قاسم ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار عمر فاروق به ڪامياب ٿي ويا آهن.غير سرڪاري غير حتم نتيجن موجب هن وقت تائين سنڌ مان پيپلز پارٽي جي پلوشه خان ۽ ايم ڪيو ايم جي خالده اطيب ڪامياب ٿي آهي.وزير اعظم عمران خان خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن طرفان ووٽ وجهڻ واري عمل ۾ سستي تي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.منجهند اڍائي وڳي جي لڳ ڀڳ ئي ايوان جي 341 مان 340 ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا هئا پر جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي پارٽي پاليسي جي تحت ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. جنهن تي قاعدن موجب ريٽرننگ آفيسر مقرر وقت تائين سندس انتظار ڪندا رهيا.ووٽنگ دوران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي بيلٽ پيپر تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن سان شهريار آفريدي جو ووٽ ضايع ٿي ويو.سينيٽ چونڊن دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پهتو، سندس بيلٽ پيپر ڪجهه سبب ڪري ضايع ٿي ويو جنهن تي کيس ٻيون بيلٽ پيپر جاري ڪيو ويو.پولنگ دوران قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي موبائيل اندر کڻي وڃڻ تي لاڳو پابندي تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويو، ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي عبدالقادر پٽيل ۽ سيڪيورٽي عملي جي وچ ۾ تڪرار به ٿيو، عبدالقادر پٽيل تڪرار کان پوءِ پنهنجو موبائيل فون جمع ڪرايو ۽ چيو ته جيڪڏهن حڪومتي ميمبرن مان ڪير به موبائيل فون اندر کڻي آيو ته ذميوار سيڪيورٽي عملو هوندو.شاهده رحماني ريٽرننگ آفيسر وٽ احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مسلم ليگ ق جي چوڌري سالڪ ووٽ جي تصوير ڪڍي آهي، سندس جهڙتي ورتي وڃي. ان عمل تي چوڌري سالڪ جي حمايتين احتجاج پڻ ڪيو.قومي اسيمبلي ۾ پهريون ووٽ تحريڪ انصاف جي شفيق آرائين جڏهن ته ٻيون فيصل واوڊا ڪاسٽ ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ کان اڳ مير شبير بجاراڻي ڪاسٽ ڪيو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پهريون ووٽ جي يو آءِ (ف) جي هدايت الرحمان ڪاسٽ ڪيو. بلوچستان اسيمبلي ۾ صوبائي وزير زمرڪ اچڪزئي سڀ کان اڳ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

اي پيپر