سينيٽ چونڊن لاءِ اپوزيشن هر طريقو استعمال پئي ڪري، اوپن ووٽنگ جو حامي هئس: وزيراعظم

March 2, 2021 at 7:52 pm

اسلام آباد: (بيورو) سينيٽ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم اتحادين سان ملاقاتون ڪيون آهن. ايم ڪيو ايم جي فد به عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چونڊن ۾ حمايت تي ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعظم سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ حفيظ شيخ جي ملاقات به ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن پارٽيون سينيٽ چونڊون کٽڻ جي لاءِ هر طريقو استعمال ڪري رهيون آهن ان لاءِ شفاف چونڊن جي لاءِ اوپن ووٽنگ جو حامي هئس. هن جو چوڻ هو ته اسان جي ميمبرن کي خط لکيا پيا وڃن. رابطا ٿي رهيا آهن پر اسان گڏ آهيون. اپوزيشن پئسا  لڳائيندي،  لالچ به ڏيندي پر اسلام آباد  وارو مقابلو حفيظ شيخ ئي کٽيندو. بلوچستان جا مسئلا ڪنهن کان به لڪيل نه آهن اڳ به ان تي ڳالهيون ٿيون هاڻ به ڳالهيون ٿيون آهن، حڪومتي اتحادي جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه نواب شاهه زين بگٽي به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي. شاهه زين بگٽي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اسان حڪومت جا اتحادي آهيون ته حفيظ شيخ کي ئي ووٽ ڏينداسين. اميد آهي ته ان سان بلوچستان جون محروميون گهٽ ٿينديون.هن چيو ته اڳ به حڪومت واعدا ڪيا هئا ۽ هاڻ به ڪيا آهن يقين ڪرڻو پوندو آهي. ڪراچي مان قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين به وزيراعظم سان ملاقات جي لاءِ پهتو آهي وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد ابراهيم خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي.

اي پيپر