سنڌ حڪومت، وفاق کان ٽيڪسٽائل ۽ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جيان زرعي پيڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

February 21, 2021 at 8:45 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ حڪومت وفاق کان ٽيڪسٽائل ۽ڪنسٽرڪشن انڊسٽري وانگر زرعي پيڪيج ڏيڻ جو به مطالبوڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته آبادگار زرعي قرض ۽ سُود ادا نٿا ڪري سگهن، وفاق جي ناقص زرعي پاليسين سبب زراعت تباه ٿي چڪي آهي، زراعت واري صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته جيئن ٽيڪسٽائل ملزکي پيڪيج ڏنو ويو اهڙي طرح وفاق آبادگارن کي به زرعي پيڪيج ڏي، اسماعيل راهو چيو آهي ته برساتن سبب سنڌجي 15ضلعن ۾ڪپهه، مرچ، ٽماٽر، بصر، چانور، ڪمند ۽ ٻين سبزين جو فصل متاثر ٿيو، پر وفاقي حڪومت سنڌ جي تباهه ٿيل آبادگارن جي اڃا تائين ڪابه واهر ناهي ڪئي. هن چيو آهي ته ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي آسان قسطن تي بنا سود جي قرض ڏنا وڃن، تبديلي سرڪار جي نئين پاڪستان ۾ کنڊ، اٽو، ڪڻڪ، دوائون، بجلي ۽ گيس مهانگي آهي، هن چيو آهي ته ڊي اي پي 2018 ۾ 24 سئو روپيا هئي ۽ نيازي جي حڪومت ۾ 5000 هزارروپين ۾ پئي ملي، اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته نيازي جي غلط پاليسين سبب سنڌ جو هاري ٽماٽر مفت ۾ ورهائي رهيو آهي، آبادگارن جي ڪمائي ته پري پر 70 هزار في ايڪڙ لاڳت به ٻڏي وئي،جيڪا ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو آهي ته سليڪٽڊ صاحب ملڪ جا آبادگار بک مري رهيا آهن، اوهان جي ٽويٽر ۽ تقريرن سان انهن جوپيٽ نه ڀربو.

اي پيپر