سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري، ٽي ايل پي جا مطالبا پارليامينٽ ۾ رکنداسين: وزيراعظم

February 11, 2021 at 6:26 pm

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان سرڪاري ملازمن سان ڳالهيون ڪندڙ ڪميٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ شيخ رسيد، پرويز خٽڪ ۽ علي محمد خان شامل هئا.ذريعن موجب وزير اعظم ۽ حڪومتي ٽيم جي ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير جي اختيارين بريفنگ ڏني ۽ پگهارن ۾ واڌ سان قومي ناڻي تي بار پوڻ کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ان دوران سرڪاري ملازمن سان طئي ٿيل فارمولي تي به بريفنگ ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ناڻي واري وزارت جي اختيارين ۽ ڳالهين واري ڪميٽي جي بريفنگ کان پوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏني پر اِها منظوري ڪابينا کان به ورتي ويندي.ذريعن موجب پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڪابينا کان سرڪوليشن سمري جي ذريعي ورتي ويندي جنهن کان پوءِ پگهارن  ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سان معاهدي تحت سندن مطالبا پارليامينٽ ۾رکنداسين. وزير اعظم عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان اسان جون ڳالهيون ٿيون آهن، تحريڪ لبيڪ فيبروري جي ڊيڊ لائن ختم ڪري 20 اپريل ڪري ڇڏي آهي.عمران خان جو چوڻ آهي ته معاهدي جي تحت تحريڪ لبيڪ جا مطالبا پارليامينٽ ۾ رکنداسين.

اي پيپر