غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اٽي جي اگهن سبب متاثر ٿيو آهي:وزيراعظم

February 4, 2021 at 8:35 pm

اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته بنيادي ضرورت جي شين ۾ غريب ماڻهن سڀ کان وڌيڪ اٽي جي اگهن سبب متاثر ٿيا آهن.وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بنيادي ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان ڪيل بندوبستن تي جائزي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ بنيادي ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ بريفنگ ڏني وئي ته واپاري برادري طرفان معيشت جي حوالي سان حڪومتي پاليسين کي ڀليڪار ڪيو پيو وڃي، انهن پاليسين جي ڪري واپاري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، انهن کي ڪورونا جي باوجود به واپار ڪرڻ لاءِ سٺو ماحول مليو آهي.اجلاس ۾ بنيادي ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، جنهن تي چيو ويو ته انهن تجويزن ۾ مختلف انتظامي بندوبستن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي کي ڪتب آڻڻ واري نظام جي شفافيت ۽ هارين جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي.ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته حڪومت جو سڄو ڌيان عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي تي آهي، ضرورت جي شين ۾ غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اٽي جي ڪري متاثر ٿيا آهن، سمورن ضروري بندوبستن کي ان حوالي سان يقيني بڻايو وڃي، غور هيٺ تجويزن کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏني وڃي جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.

اي پيپر