قرض واپسي جي ضمانت، وفاقي سرڪار اسلام آباد ڪلب گروي رکي ڇڏيو

January 26, 2021 at 7:56 pm

اسلام آباد(بيورو) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ  جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا به براڊ شيٽ جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو سربراهه جسٽس (ر) عظمت سعيد هوندو.هڪ رڪني براڊ شيٽ ڪميشن رڳو جسٽس (ر) عظت سعيد تي ٻڌل هوندو ۽ ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع جي تحت جوڙيو ويندو. ڪميشن نه رڳو براڊ شيٽ جي معاملي جي گڏيل جاچ ڪندي پر حديبيه پيپر ملز ۽ سري محل جي به انڪوائري ڪندي.ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ايف نائن پارڪ اسلام آباد جي عيوض سڪن وارا بانڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت جي سمري تي به بحث ٿيو، پر ڪابينا ايف 9 پارڪ جي زمين جي بدلي سڪن وارا بانڊ جاري ڪرڻ واري سمري رد ڪري ڇڏي.وفاقي ڪابينا قرض وٺڻ جي لاءِ ضمانت طور ايف نائن پارڪ بدران اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ هڪ ميمبر طنزيا تجويز ڏني ته ايوان صدر ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ ان کي گروي رکي ڇڏيو.وزير اعظم عمران خان ايف نائن پارڪ کي گروي رکڻ جي مخالفت ڪندي فنانس واري سيڪريٽري کي چيو ته عوام جي لاءِ بڻايل ايف 9 پارڪ گروي رکرائڻ جي تجويز ڇو آئي؟ فنانس واري سيڪريٽري سڪن وارن بانڊن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسلامي بانڊ آهي، ماضي جون غلطيون درست ڪرڻ جي لاءِ انهن بانڊن کي جاري ڪرڻ جو سوچيو، هي گروي رکڻ رڳو علامتي طور تي آهي، عملي طور تي ان سان فرق نه پوندو، سڪن وارن بانڊن جي لاءِ زمين جي ويليو ڏيکارڻي پوندي آهي.وزير اعظم عمران خان جواب ڏنو ته مون کي خبر آهي ته سڪن وارا بانڊ ڇا هوندا آهن، عوام جي استعمال ۾ پارڪ علامتي طور تي به گروي نه ٿيڻ گهرجي، ان سان غلط تاثر ويو، جيڪڏهن هي عملي طور تي گروي ناهي رکڻو پر وزير اعظم هائوس کي گروي رکي ڇڏيون، عوام جي بڻايل پارڪ گروي نه رکيو وڃي. هڪ وفاقي وزير طنزيا چيو ته جيڪڏهن علامتي ئي هو ته پوءِ صدر هائوس رکرائي ڇڏيون.ان کان سواءِ اجلاس ۾ بچاءَ واري وزارت ڪنٽونمنٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سمري واپس وٺي ڇڏي.

اي پيپر