نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي: شاهد خاقان

January 26, 2021 at 7:54 pm

اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيوته اڄ نه انصاف ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري انصاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. اڄ ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي. سي پيڪ تي ڪم عملي طور تي رڪجي چڪو آهي. پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. احتساب جي نالي تي انتقام جو سلسلو جاري آهي. جيڪي سوال اسان کان ڪيا پيا وڃن اهي ٻين کان ڇو ناهن ڪيا ويا؟ ڇا حڪومت کان حساب وٺڻ وارو ڪوبه ناهي.؟ اڄ سموري احتساب جي نظام تي سواليه نشان آهي. عدالتن ۾ ڪيمري لڳايو ۽ ڏسو ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالتون هڪ ويزي تي ماڻهن کي نااهل قرار ڏينديون آهن پر  اڄ اهي خاموش ڇو آهن.؟ اهو ڪير هو جيڪو براڊشيٽ جي مالڪ ڪاوي موسوي سان مليو، احتساب جو ادارو سمجهيو ويندڙ اڄ پاڻ احتساب جوڳو آهي. اڄ نيب کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي. براڊ شيٽ معاملي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو به اچي ٿو. ان جو به رمانڊ ورتو وڃي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب 20 سالن کان براڊ شيٽ جو معاملو هلائي رهيو آهي. براڊشيٽ ته صرف هڪ ڪيس آهي اهڙا ڪيترائي ڪيس نيب جي ناانصافين جا داستان آهن. براڊ شيٽ دستاويزن جو تمام ننڍو حصو عوام جي سامهون آيو. همت آهي ته تفصيل آڻين، وڏا وڏا نالا سامهون ايندا، سياستدانن کان جنهن معيار جا سوال ڪيا ويندا آهن اهڙي طرح جا سوال ڪيا وڃن ته نيب جا 3 چيئرمين جيل ۾ هوندا.

اي پيپر