سنڌ جي بهتر ادارن کي خراب ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي: ناصر شاهه

January 13, 2021 at 5:45 am

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي ٽن اسپتالن تي سنڌ سرڪار ڀرپور ڌيان ڏنو جنهن جي ڪري انهن جي ڪارڪردگي ۾ تمام گهڻي بهتري آئي، هاڻي انهن بهترين ادارن کي خراب ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهرنوٽيفڪيشن جاري ڪري وفاق پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وفاقي حڪومت جي نااهلي سڀني جي سامهون آهي اها سمورن شعبن ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي بجلي جي بليڪ آئوٽ کي ئي ڏسي وٺو ٻه ڏينهن گذري ويا آهن اڃا تائين ملڪ جا ڪيترائي حصا بجلي کان محروم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ٻاهريان صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جي ٽن اسپتالن مان لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. نه صرف صوبي پر سموري ملڪ سميت پرڏيهه مان پڻ ماڻهو مفت علاج لاءِ انهن ادارن جو رخ ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽنهي ادارن جي معاملي تي سنڌ سرڪار عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت عدالت جي حڪمن تي به صحيح عمل ناهي ڪيو ٽنهي ادارن بابت عدالت جي حڪم نامي واضح طور چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار انهن ٽنهي اسپتالن تي جيڪي به خرچ ڪيو آهي اهو سنڌ سرڪار کي ادا ڪيو وڃي پر ان تي عمل اڃا تائين ناهي ڪيو ويو. اها پي ٽي آئي جي ڊرامي بازي آهي ٻيو ڪجهه به ناهي. انهن ٽنهي اسپتالن لاءِ وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ هڪ مهيني جو به خرچ ناهي رکيو.انهي مان وفاق جي سنجيدگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي ۾ جيڪڏهن ڪا بي ضابطگي ٿي آهي ته ان جي جانچ ٿيڻ گهرجي ۽ ان تي سخت ڪارروائي ٿيڻ کپي پر اصل ۾ انهن ادارن کي بدنام ڪري تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي بجلي جي بليڪ آئوٽ تي صوبائي وزير اطلاعات مطالبو ڪيو ته ان معاملي جي عدالتي جانچ ڪرائي وڃي ته جيئن اصل حقيقتون قوم آڏو اچي سگهن. هن چيو ته گڊو ٿرمل پاور جو بريڪ ڊائون ڪيئن سموري ملڪ ۾ پکڙجي ويو: جيڪڏهن گڊو ۾ فالٽ ٿيو هو ته ان جو اثر ويجهن علائقن تي ٿئي ها پر اهڙو ڇا ٿيو جو پورو ملڪ اونڌاهي ۾ ٻڏي ويو. هن چيو ته پي ٽي آئي جا ڪوڙا ترجمان هميشه سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندا رهن ٿا پر سنڌ واحد صوبو آهي جنهن پنهنجي ٽرانسميشن لائين وڇائي آهي ۽ اسين نوري آباد کان ڪراچي کي 100 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته پي ٽي آئي وارن کي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي هضم ئي نٿي ٿئي بلڪه اها انهن کي چڀي ٿي. صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت پڇيل سوال تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته انهن جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي اسين سندس جلد صحتيابي ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعاگو آهيون. آئي ايس پي آر جي بريفنگ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته ڊي جي آئي ايس پي آر جي پريس بريفنگ خوش آئند آهي هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي چڱيون ڳالهيون آهن چانهه ۽ پاڻي پيارڻ جي ڳالهه تي اسين هن جا نهايت ئي ٿورائتا آهيون.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اها وضاحت ڪري چڪو آهي ته لانگ مارچ هميشه اسلام آباد طرف ٿيندو آهي جيڪڏهن مارچ ٿيو ته اسلام آباد طرف ٿيندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو سياسي ورڪر آهن چانهه پي وٺندا، پيزا به کائي وٺندا، دال روٽي تي به گذارو ڪري وٺندا پر جيڪڏهن اسان جي چيئرمين جو حڪم ٿيو ته لانگ مارچ ٿيندو ۽ اسلام آباد ڏانهن ٿيندو.        

اي پيپر