نيب شاهد خاقان عباسي جي زبان بند ڪرائڻ لاءِ ريفرنس ٺاهيو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

September 19, 2020 at 4:45 am

ڪراچي(اسٽاف رپورتر): سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي موجوده حڪومت تي تنقيد ٿو ڪري تنهن ڪري ريفرنس جو مقصد ان جي زبان بند ڪرائڻ آهي.اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق جي غيرقانوني مقرري بابت ريفرنس خلاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي ضمانت لاءِ درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ اهو ثابت ڪرڻو هوندو آهي ته جاچ بدنيتي تي مشتمل آهي.تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شاهد خاقان عباسي موجوده وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪري ٿو، هن جي خلاف پهريان به اسلام آباد ۾ ريفرنس داخل آهن جن ۾ ست مهينا جيل به وڃي چڪو، ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي ته نيب سياسي سياسي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ ريفرنس ٺاهيو، ريفرنس ٺاهڻ جو مقصد شاهد خاقان عباسي جي زبان بند ڪرائڻ آهي.

اي پيپر