سنڌي پورهيتن جو بيدردي سان قتل …!

May 17, 2017 at 6:01 am

محمد انس گهانگهرو
ڪنهن سوچيو به نه هو ته سنڌ تي ڪي اهڙا به ڏينهن ايندا جو قدرتي وسيلن هوندي به ماروئڙا روزگار لاءِ دربدر ٿي ٻين صوبن ۾ رُلندا وتندا، اها سنڌ جنهن ملڪ جي چئني صوبن سميت 40 لک افغان پناهگيرن توڙي ڀارت، برما ۽ بنگلاديش جي لکين ماڻهن کي دل ۾ جاءِ ڏني ۽ هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيو، جڏهن بک، بدحالي ۽ بيروزگاري گهر ڪري وڃي ته ان وقت انسان جو دماغ سوچڻ ڇڏي ڏيندو آهي، جڏهن بيروزگاري گهر گهر ٿي وڃي، غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذرڻ عذاب بڻجي وڃي، درجن گهر ڀاتين جو پيٽ پالڻ مهانگائي واري دور ۾ ڏکيو ٿئي، ان وقت ماڻهو هر ڏکئي چئلينج کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، اهو ڪم ڪيترو به مشڪل يا ڏکيو ڇونه هجي، انسان الله تي توڪل ڪري ٻچن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ نه سردي ڏسي ٿو نه وري گرمي، پوءِ اهي قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌي پورهيت ئي ڇونه هجن، جيڪي ٻه ويلا ماني جي روزي لاءِ جان جوکي ۾ وجهي بلوچستان جي ريگستاني دهشت زده علائقن ۾ پورهيو ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊيارو سان سان تعلق رکندڙ هڪ ئي ڳوٺ محمد صديق لاکو جا 9 ڄڻا، جن کي ٽي ڏهاڙا پهرين گوادر ۾ پورهيو ڪندي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد توڙي جو شناخت سنڌي هئي، لائين ۾ بيهاري موت جي ننڊ سمهاريو ويو، شايد بي رحم قاتلن جي دل هوندي به ڪئين مزودرن تي گوليون هلايون ويون، ان وقت سندن نه جسم سُن ٿيو نه وري هٿ ڏڪيا، اهڙا بي حرم قاتل هئا، جن پورهيتن کي نه پر 10 خاندانن کي اجاڙي ڇڏيو، اهڙا پورهيت جيڪي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هئا، اڃان ته پورهيتن جو هفتو يا پندرهون ته پورو به نه ٿيو هوندو جو اهي پورهئي جا مليل پئسا پنهنجي ٻچڙن ڏانهن اماڻين ها، شايد نوشهرو فيروز ۾ پورهيتن جي گهرن ۾ پئسن جي اميد هئي، جيئن اهي پئسا ملڻ تي گهر جو سامان سوڌو گهرائين، ان کان اڳ ئي پورهيتن جا گولين سان پروڻ ٿيل لاش رستي ۾ هئا، گهر ڀاتين کي ڪهڙي خبر ته سندن پيارن کي روزگار ڪرڻ تي ائين قتل ڪيو ويندو، رڻ پٽ مان لاش لاوارثن جيان ايندا ته ڪاش هو بک مرڻ کي ترجيح ڏين ها، پر پنهنجي پورهيت ڪونڌرن کي بلوچستان جي رڻ ۾ ائين بيدردي سان مرڻ نه ڏين ها، ڪنڊيارو جي ڳوٺ محمد صديق لاکو ۾ ان وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي، جڏهن 9 ڳڀرو سنڌين جا لاش اچي رهيا هوندا، هڪ هڪ گهر ۾ هڪ هڪ ميت پهتي هوندي، سڀ مسڪين غريب، سندن امڙين ڀينرن، نياڻين ۽ معصوم پٽن جا چهرا ڪيئن سوڳ ۾ هوندا، ڳوٺ ۾ هڪ فوتگي ٿيڻ تي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سڄي ڳوٺ جي گهرن ۾ فوتگيون ٿيون آهن، پر هر گهر ۾ الڳ الڳ تڏو وڇايل ڏسي تعزيت ڪندڙن جون دليون به جهُري پيون هونديون، پير مورند شاهه قبرستان ۾ جنهن وقت قبرون کوٽيون پيون وڃن، ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ڪنهن جنگي ملڪ ۾ بمباري سبب اجتماعي قبرون کوٽيون پيون وڃن، پر انهن بيگناهن کي به جنگي جنونين بمباري جيان ئي ته ماري ڇڏيو، ٻنپهرن کان پوءِ جڏهن هڪ ئي ڳوٺ مان 9 جنازه کڄي رهيا هئا، اهو سوڳ وارو منظر ڪيڏو نه ڏکائتو هوندو، هر اک آلي، هر گهر ۾ قيامت صغريٰ برپا، امڙين، ڀينرن، ڀائرن نياڻين کي بيهوشي جا دورا ۽ هوش اچي وڃي ته وري سوڳ ۾ ستل ڀاتي جڏهن بابا بابا، ادا پٽ، چئي مقتولن کي ياد ڪن پيا، يقينن آسمان به رُنو هوندو، يقينن رب جو عرش به هليو هوندو، مظلومن بيگناهن جي بي رحم موت تي ڪنڊيارو جا وڻ ٽڻ، پکي، جانور به رنا هوندا، پوکيل گل به ڪومائجي ويا هوندا، جنازي نماز وقت ايترا جنازه ڏسي علائقي واسين جي ڪيفيت به ڪيڏي نه ڏکايل هوندي، هي نوشهروفيرز ضلعي ۾ بلوچستان کان پهريون ڀيرو پورهيتن جا لاش ناهن آيا، بلڪه ان کان اڳ به اڌ درجن کن گهوٽڪي ضلعي ۾ سنڌي پورهيتن جا لاش اماڻيا ويا هئا، اڳ به سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ پورهيتن کي قتل ڪيو ويو هو، لاڙڪاڻي جي هڪ سنڌي ڊاڪٽر کي به ڪلينڪ تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، سنڌين ته هر ڏکئي وقت ۾ بلوچستان جو ساٿ ڏنو آهي پر بلوچن جي حقن جي ڳالهه پڻ ڪئي آهي، پوءِ پورهيت سنڌين کي قتل ڪرائڻ پٺيان ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي مزدورن جو خون وهائي رهيون آهن، جنهن ڏهاڙي گوادر ۾ 9 پورهيتن کي قتل ڪيو ويو ان کان اڳ مستونگ ۾ ڊپٽي سينيٽ چيئرمين جي قافلي تي بم ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن ۾ مولانا عبدالغفور حيدري 30 ساٿين سميت زخمي ٿي پيو هو، جڏهن ته 27 ڄڻا شهيد ٿي ويا، آخر ملڪ دشمن قوتون معصوم ماڻهن جو خون وهائي ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون، سي پيڪ معاملي تي ته پاڙيسري ملڪن کي گهڻو اعتراض آهي، اڳ واري حملن ۾ ته انهن جي ملوث هئڻ جا ثبوت به موجود آهن، جنهن وقت سي پيڪ منصوبي تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي، گوادر کان سنڌ بلوچستان پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ ڪورريڊور جو ڄار وڇايو پيو وڃي، ملڪ تيزي سان ترقي طرف وڌي رهيو آهي، حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروايون سخت ڪرڻ گهرجن، پورهيتن سميت عام ماڻهن جي زندگي جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، شرپسندي ڦهلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون توڙي ايڪشن کڻڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان ۾ شهيد ٿيل پورهيتن جي خاندانن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ۽ کين گهر ۾ هڪ نوڪري ڏني وڃي، جيئن متاثرن جي زندگي جو گاڏو هلي سگهي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي قومي ادارن توڙي نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ قومي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ قدم کڻي، جيئن پورهيت کان وٺي ڪلارڪ ۽ انجينئر کان وٺي ننڍي ملازم تائين سنڌي ماڻهو پنهنجي صوبي ۾ ڪم ڪري سگهي، سنڌ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهرين صوبن جي ماڻهن کي تعصب جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو هاڻ رڪجڻ گهرجي، گهوٽڪي جي صنعتي ادارن کان وٺي حيدرآباد توڙي ٿر جي ڪوئلي واري پراجيڪٽ ۽ ڪراچي جي نيشنل ڪمپنين ۾ سنڌي ماڻهن کي اوليت جي بيناد تي ڀرتي ڪرڻ وقت جي اهم ضورت آهي.
****

اي پيپر