ڦُڳُڻ مل جا ڦٽاڪا رات سيارو، ڏينهن اونهارو

February 27, 2017 at 5:44 am

مير اعظم ٽالپر
اسان جي ملڪ ۾ سياسي تبديلي اچي يا نه پر موسم ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هندو برادري جو رنگن ڀريو تهوار هولي آهي. اڄ هڪ دفعو وري آچر جو ڏينهن آهي ۽ جڏهن آئون هي تحرير لکي رهيو آهيان ته وائڪي المعروف هندي مهيني ڦڳُڻ جي ڇهين تاريخ ۽ ڇنڇر جو ڏينهن آهي ۽ (اڄ) آچر تي ستين ڦڳڻ جي تاريخ آهي. حالانڪه تقسيم برصغير کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيترائي سال سنڌ ۾ انگريزي ڪلينڊر يا اسلامي عرف سنڌي چنڊ وارن مهينن کان وڌيڪ هندي وائڪي مهينن جي نالن ۽ تاريخن تي سڄو حساب ڪتاب ڪيو ويندو هو، هن ڦڳڻ جي مهيني لاءِ سنڌ ۾ عام مشهور پهاڪو آهي ته ”ڦڳڻ ڦُلهاريو رات سيارو ڏينهن اُونهارو“ معنيٰ ڦڳڻ مهيني جي خاصيت اها آهي ته ڏينهن جو ٺيڪ ٺاڪ گرمي ۽ خوشگوار موسم هوندي، پر سج لٿي کانپوءِ رات جو ٿڌڪار، سيءَ جي شدت ۽ صبح سوير خشڪ سردي سبب باقاعدي سيارو محسوس ٿيندو آهي، ان دوران سنڌ ۾ باغن اندر نئين سال لاءِ انبن ۾ پيدا ٿيل ٻُور ڦُولهارجڻ شروع ٿيندو آهي، ان ڪري هي مثال ڏنو ويندو آهي ته ”ڦڳڻ ڦُلهاريو رات سيارو ڏينهن اونهارو“ ان انبن جي ٻُور جي عجيب خوشبوءِ ڀرپاسي ۾ صبح ۽ شام جو محسوس ٿيندي آهي. ڦڳڻ نالي کي ماڻهن ۾ عام رکيو ويو آهي، جنهن کي ’ڦڳڻ مل‘ سڏيو ويندو آهي، جنهن جي لاءِ هلڪا ڦلڪا لطيفا ۽ ٽوٽڪا به عام طرح سان مشهور آهن، اخبارن جي مختلف ڪالمن ۾ جيڪي ماضي ۾ هئا، مشهور ڪالم عبرت ۾ شيخ علي محمد جو نظري خوش گذري، نور عباسي جو واٽ ويندي، سردار علي شاهه جو ”ڀير تي ڏونڪو“ امر جليل جو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ اهڙي طرح سان هندستان جي سنڌي اخبار شختلا ۾ طنز و مزاح جو مشهور ڪالم ”ڦڳڻ مل جا ڦٽاڪا“ ديپڪ ڪوڏواڻي لکندو هو.
بهرحال، 80ع واري ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق جي حڪومت ۾ ماڻهن جي چيڪنگ لاءِ آرمي جون چوڪيون ٺاهيل هيون ۽ هڪ چوڪي اسان جي پاڙي ۾ به هئي، هڪ ڏينهن هڪ سپاهي سڏي چيو ته سائين اوهان کي ميجر صاحب گهرايو آهي، آئون اهو ٻڌي پريشان ٿي ميجر صاحب وٽ پهتس، ان سوال ڪيو ته ”سائين هڪ مسئلو منهنجو حل ڪريو ته بڪرمي سال جو ڪهڙو مهينو ۽ ڪهڙي تاريخ آهي، ڇو ته منهنجي نياڻي جي شادي آهي، ان جي تاريخ مون کي ظاهر ڪري ڏيڻي آهي. هتي مون کي خبر پئي آهي ته اوهان سڀئي تاريخون ياد رکو ٿا“. مون ميجر صاحب کي تاريخ ظاهر ڪري ٻڌائي ته ڏاڍو خوش ٿيو. (پنجاب ۾ اڄڪلهه اهي تاريخون هلن ٿيون) هن سڄي ڇتي ڪُوري واري ڊيگهه ڪرڻ (لکڻ) جو مقصد اهو هو ته تازو ملڪ جي آزادي جي 70ع سالن کانپوءِ ”پاڪستان هندو پرسنل لا“ بطور پاڪستاني هندو برادري لاءِ ”هندو ميرج بل 2017ع“ گڏيل نموني منظوري جي شڪل ۾ هڪ اهڙو بل آهي، جنهن سان شادين ۽ عليحدگي جو مڪمل هڪ ضابطي تحت رجسٽريشن ٿيندي، شادي ڪرڻ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال مقرر هوندي. هن بل ۾ خاص ڪري عورتن کي وڏو تحفظ ملندو، ڇو ته هن کان اڳ هندو عورتن کي ملڪ ۾ پنهنجو پاڻ کي شادي شده هئڻ جي ثبوت طور ممڪن نه هو ته ڪا عورت اڳ ۾ ئي ڪا پرڻيل آهي ۽ ڪنهن جي گهرواري آهي، هي بل سنڌ ۾ ميرج لا طور اچي چڪو آهي، پر ٻين ٽن صوبن ۾ هن بل کي هاڻ منظور ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ مذڪوره بل کي قومي اسيمبلي 26 سيپٽمبر 2015ع تي منظور ڪيو هو. تازو هن بل کي منظور ڪرڻ لاءِ ٻنهي ايوانن قبول ڪري ورتو آهي. هاڻي پاڪستان ۾ مسلمانن جي شادي ۽ نڪاح وانگر باقاعده هندو برادري جي نڪاح ۽ شادي لاءِ به دستاويزي ثبوت هوندا، جنهن تي پنڊت صاحب جي لکت درج ٿيل هوندي ۽ اها لکپڙهه سرڪاري کاتي ۾ رکي ويندي. حالانڪه سنڌ ۾ هن بل جي حوالي سان ڪجهه شڪ شبها به هئا، جنهن ۾ زال ۽ مڙس جي جدائي، مذهب جي ڦيرڦار وغيره آهن، پر تازو متفقه طور منظور ڪيل بل ۾ قانوني سڌارن جي گنجائش آهي، پر في الحال اسان جي هندو ڀينرن کي پنهنجي تحفظ لاءِ قانون مطابق ڪجهه نه ڪجهه تحفظ ضرور ملندو ۽ هو پنهنجو پاڻ کي پردو هٽائي بنا ڊپ ڊاءُ ۽ شڪ جي شادي شده هئڻ واري عورت طور ظاهر ڪري سگهنديون. بهرحال اصل ڳالهه شروع ٿي هئي ڦڳڻ کان، اتفاق سان هندي مهيني جي ڦڳڻ جي آمد سان انگريزي مهيني فيبروري جي روانگي هوندي آهي ۽ سيارو پنهنجو ويندي ويندي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ جوڀن ۽ جواني جا جلوا ڏيکاريندي انتقامي ڪارروايون ڪندو آهي. البته فيبروري جي مهيني ۾ هر مهيني جي تاريخن وانگر ماضي جون ڪيتريون ئي کٽيون مٺيون اڻ مٽ يادگيريون به آهن، جن کي ماضي جي پردي کي هٽائڻ سان ظاهر ڪرڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي، البته هن فيبروري مهيني ۽ راقم جي سانڀر ۾ 12 فيبروري 1966ع ۾ عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان ڪراچي آيو هو، جنهن پنهنجا مشهور ڇهه نڪتا هتي پيش ڪيا هئا، هنن ڇهنن نڪتن جي ڪري ملڪ اوڀر ۽ اولهه بدران صرف ’هڪ اولهه‘ رهجي ويو ۽ ان جا پنج صوبا نه رهيا، بدنام زمانه ڇهه نڪتا هن ريت هئا.
(1) ملڪ جو آئين (پاڪستاني) 1940ع جي قرارداد موجب هجي.
(2) اوڀر ۽ اولهه ملڪي ڪرنسي ڌار ڌار هجي.
(3) وفاق وٽ رڳو دفاع ۽ پرڏيهي معاملا هجن، باقي سڀ اختيار صوبن کي ملن.
(4) ٽيڪس اوڳاڙي ۽ خرچ جو اختيار صوبن کي ڏنو وڃي.
(5) غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا ۽ وڌيڪ آمدني صوبا رکن.
(6) هرهڪ صوبو (پنج ئي) پنهنجي پنهنجي پيرا ملٽري فورس رکي، جڏهن ته ان کانپوءِ وري ٽن سالن بعد 23 فيبروري 1969ع تي شيخ مجيب الرحمان اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) جي ڍاڪا شهر ۾ 50 لک جي هڪ وڏي جلسي ۾ مطالبو ڪيو ته (صدر ايوب کان) ون يونٽ لاءِ ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ خودمختيار پارليامينٽ جي چونڊ ڪرائي وڃي، جڏهن ته 23 فيبروري تي هڪ يادگار تاريخ ساز واقعو اولهه پاڪستان ۾ اهو پيش آيو ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ کي سرڪار طرفان عطا ڪيل اعزاز ’هلال پاڪستان‘ احتجاج طور واپس ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي اهو تغمه هلال پاڪستان صدر ايوب خان ڏنو هو. بهرحال هن منهنجي اڄوڪي مضمون کي گذريل مضمون ’تاريخ سان جٺ‘ کي ملائي نه پڙهيو وڃي.

اي پيپر