عمران خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلڻ جا اشارا ناهن مليا، گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي: برطانيا

November 17, 2024 at 11:39 am

لنڊن (م ڊ) پي ٽي آءِ باني خلاف امڪاني طور فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ بابت برطانيا جو رد عمل اچي ويو. برطانوي  پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي برطانوي ايم پي ڪم جانسن جي خط جي جواب ۾  چيو ته پاڪستاني اختيارين وٽان پي ٽي آءِ باني تي فوجداري عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جا اشارا ناهن مليا، اختيارين جي صورتحال تي نظر آهي، هن چيو ته عدالتي معاملا ملڪ جو اندروني مسئلو آهي پر عالمي ذميوارين ۽ بنيادي آزادي جو احترام ضروري آهي، سياسي مخالفت، اظهار جي آزادي ۽ اجتماع جي آزادي جهڙن مسئلن تي خدشا آهن. ڊيوڊ لامي فوجي عدالتن جي امڪاني استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته فوجي عدالتن ۾ ڪيسن جي ٽرائل ۾ شفافيت ۽ آزاد نگراني جو فقدان ٿي سگهي ٿو جيڪو عالمي معيار موجب ناهي هڪ آزاد عدليه جيڪي رياستي ادارن کي چيڪ ۽ بيلنس ڪري، اهو جمهوريت لاءِ انتهائي اهم آهي. ڊيوڊ لامي وڌيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ برطانيا جو وزير فالڪنر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو جتي هو انساني حقن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندو. برطانيا پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ تعاون جاري رکندو. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري ۽ اظهار جي آزادي مٿان پابندي جهڙن معاملن تي برطانوي عملدار پاڪستاني عوام لاءِ انصاف ۽ جمهوري اصولن جي اصولن احترام تي زور ڏيندا رهيا.

 

اي پيپر