عمران خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلڻ جا اشارا ناهن مليا، گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي: برطانيا
لنڊن (م ڊ) پي ٽي آءِ باني خلاف امڪاني طور فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ بابت برطانيا جو رد عمل اچي ويو. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي برطانوي ايم پي ڪم جانسن جي خط جي جواب ۾ چيو ته پاڪستاني اختيارين وٽان پي ٽي آءِ باني تي فوجداري عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جا اشارا ناهن […]
تحريڪ انصاف کي هارايو ويو، عمران جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪريو: آمريڪي ڪانگريس جو وري بائيڊن کي خط
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي 46 ڪانگريس ميمبرن صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو. آمريڪي ڪانگريس ميمبرن خط ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت ايوان جي نمائندن جي ٺهراءَ تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سميت ٻين سياسي قيدين جي آزادي لاءِ هنگامي بنيادن تي […]
ڪوٽڙي ۾ ڪي بي فيڊر مان پاڻي کڻت بند، بحران ٿي ويو، ڊي سي غيرقانوني فراهمي جي اجازت گھري ورتي
ڪوٽڙي(رپورٽ:يوسف سارنگ) ڪوٽڙي شهر ۾ پاڻي جو بحران شديد ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رياض حسين وساڻ عدالتي حڪم تي ڪي بي فيڊر تي غيرقانوني طور تي پاڻي کڻڻ لاءِ لڳايل مشينون بند ڪرائي رپورٽ سول جج ڄامشوري جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڊي سي ڄامشورو عدالت ۾ جمع ڪرايل […]
سيتا روڊ ويجھو هانءُ ڏاريندڙ حادثو: اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ فوت، 3 ٻار زخمي
سيتاروڊ ( رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ ڀرسان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، سيتاوليج ويندڙ روڊ ڳوٺ لالو ماڇي وٽ موٽرسائيڪل سان اڻڄاتل گاڏيءَ جو ٽڪر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 سالا سڄڻ سولنگي ۽ سندس 3 سالا نياڻي زويا سولنگي فوت ٿي ويا آهن، افسوس ناڪ حادثي ۾ 3 ٻار برڪت، […]
ميهڙ ۾بدامني خلاف تحريڪ جاري: ايس ايس پي تي پڪڙيل ڏوهاري ڇڏائڻ جو الزام، ايس ايچ او ٿاڻو ڇڏي ويو
ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ امن امان جي بحالي ۽ منشيات خلاف شھري اتحاد ميھڙ جي سڏ تي 17 ڏينھن به سياسي سماجي، مذھبي تنظيمن ، واپارين ،قومپرست اڳواڻن احتجاج جاري رکيو. مظاھرين ٻيٽو چوڪ کان ٽي ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ […]
تنگواڻي: اينٽي ڪرپشن اهلڪار اغوا بعد ڏاهاڻين برادري جو ڪٺ: پوليس کي مهلت
تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ گذريل ڏينھن اغوا ٿيل اينٽي ڪرپشن اھلڪار ذوالفقار ڏاھاڻي بازياب نه ٿي سگھيو،ڏاھاڻي برادري جي ماڻهن طرفان ڳوٺ محبت ڏاھاڻي ۾ ڪٺ ڪوٺايو ويو، ھڪ ڏينھن ۾ نوجوان بازياب نه ٿيڻ جي صورت احتجاجي تحريڪ جي آغاز جو اعلان ڪيو ويو،ان موقعي تي ڪرمپور بجاراڻي ھائوس جي ترجمان فوج علي […]
بنا ٻڌائڻ جي سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ سٺي ڳالهه ناهي: قائم علي شاهه
خيرپور (رپورٽر) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي استحڪام بابت پهرين عالمي ڪانفرنس بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف اسڪل ڊولپمنٽ خيرپور ۾ ٿي، ڪانفرنس جو افتتاح اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪيو، قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحيح چئي رهيو آهي، وفاق اسان جي حصي جا پئسا ڏئي، هن چيو […]
لبنان ۽ غزه ۾ اسرائيلي حملا، 100 ماڻهو شهيد، 182 زخمي، حماس جنگبندي لاءِ تيار
بيروت / غزه / واشنگٽن (م ڊ) لبنان ۽ غزه تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ 59 لبناني ۽ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا، 182 ماڻهو زخمي ٿي پيا. حماس شرطن تي جنگبندي لاءِ تيار ٿي ويو. صحت واري عالمي اداري جي ڊاڪٽر تيدروس لبنان جي شهري دفاع تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته […]
ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن، عورتاڻي آواز تي هرکائيندڙ فريد تيغاڻي مارڻ جي دعويٰ
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور پوليس ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ ڪاروائي دوران ھڪ ڏوھاري کي مارڻ ۽ ھڪ کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ بيان ۾ چيو ته ڏوھاري فريد تيغاڻي مارجي ويو سندس ساٿي زخمي آھي. ڏوھاري فريد تيغاڻي عورتاڻي آواز تي ماڻھن کي گھرائي اغوا ڪرائيندوھو. ڏوھاري […]
سکر ۾ گم ٿيل نينگر اغوا بعد ڳلو ڪپي قتل، لاش درياهه ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف، 2 ڄڻا گرفتار
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ نينگر کي اغوا بعد تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪٽي قتل ڪرڻ بعد لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو آهي، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جي ايف آءِ آر مقتول نينگر جي […]