سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ضابطن خلاف گريڊ سورهن ۾ ڀرتين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي
سنڌ هائيڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 125 خالي جاين تي ڀرتيون روڪي ڇڏيون آهن. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ضابطن خلاف گريڊ سورهن ۾ ڀرتين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻيءَ دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن جي رولز موجب 50 سيڪڙو پروموشن ۽ 50 سيڪڙو ڪميشن ذريعي ڀرتيون ٿينديون. عدالت […]
اوڏيرو لال ۾ پوليس ڪيلي جي واپارين کان ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
اوڏيرو لال ۾ پوليس ڪيلي جي واپارين کان ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. عثمان شاهه-اوڏيرو لال لنڪ روڊ تي هٿياربند ڪيلي جي واپاري هريو ڪولهي ۽ سندس ساٿي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واپارين کان ڦر جي ڪوشش […]
ڇاڇري ويجهو مسافر جيپ ڪلٽي، ٻن عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي
ڇاڇري ويجهو مسافر جيپ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ڪيتاري کان عمرڪوٽ ويندي لانگ چيخز جيپ ڪانٽيو شهر ۾ ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ٻڻ عورتن سميت 16 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمي کي طبي امداد لاءِ بنيادي صحت مرڪز ڪانٽيو منتقل ڪيو ويو، […]
لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪرياني جي دڪان تي فائرنگ ڪري دڪاندار مختيار ميمڻ کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. […]
سنڌ ڪابينا ۾ڦيرڦار، مڪيش ڪمار چاولا ٻيهر وزير بڻجي ويو، 2 صلاحڪار شامل
سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، مڪيش ڪمار چاولا ٻيهر وزير بڻجي ويو ۽ بابل ڀيو جي واپسي ٿي آهي. هڪ وزير ۽ ٻن صلاحڪارن جي شموليت بعد وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايڪسائيز کاتو شرجيل انعام ميمڻ کان واپس وٺي مڪيش ڪمار چاولا حوالي […]
سجاول ضلعي جي علائقي شاهه بندر مان گيس جا ذخيرا هٿ
سجاول ضلعي جي علائقي شاهه بندر مان گيس جا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن. توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه گيس جي ذخيرا هٿ اچڻ جو اعلان ڪندي چيوته سجاول ضلعي جي علائقي شاهه بندر ۾ گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جا وڏا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني پرائيويٽ لميٽڊ […]
صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس: پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽ آجا قرار
ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ قطعي چالان پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي آجو قرار ڏنو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس […]
ملير پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، منشيات وڪرو ڪندر 2 عورتون گرفتار
ملير پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث ٻن عورتن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي جو چوڻ آهي ته ملير سٽي ٿاڻي جي حد آسو ڳوٺ ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته پوليس ڪارروائي دوران […]
هزارين ٺيڪيدارن کي فاقا ڪٽڻ تي مجبور ڪندڙ اسڪيم جو سنڌ ٽي وي نيوز پتو لڳائي ورتو
هزارين ننڍن ٺيڪيدارن کي فاقا ڪٽڻ تي مجبور ڪندڙ اسڪيم جو سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل پتو لڳائي ورتو. سوين اسڪولن جي مرمت ۽ اڏاوت جي اربين روپين جي ڪمن ۾ نان ٽيڪنيڪل ڊي جي قدير انصاري جي ڪاريگيري ظاھر ٿي آهي. ايجوڪيشن ورڪس ذريعي ضلعن اندر ڪم ڏيڻ بدران وڏن ٺيڪيدارن جي سھولتڪاري […]
عمرڪوٽ ويجهو وحشي شخص پنهنجي ٻن معصوم ڀائٽن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو
عمرڪوٽ ويجهو وحشي شخص پنهنجي ٻن معصوم ڀائٽن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. ڍورونارو روڊ تي قائم ڳوٺ راڻا جاگير ۾ سترام داس ميگهواڙ ڪهاڙين جا وار ڪري ڇهن ورهين جي ڀائٽي سندر پٽ راجيش ۽ اٺن ورهين جي نريندر پٽ جيو کي قتل ڪيو. واقعي بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال […]