سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گيس تي پهريون حق سنڌين جو آهي، رمضان ۾ تڪليف نه ڏني وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاق کان سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته رمضان ۾ ماڻهن کي تڪليف نه ڏني وڃي، سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ گيس تي پهريون حق هتي رهندڙن جو آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جي 57 هزار وڏين عمارتن کي سولرائز ڪري چڪا آهيون، ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 50 هزار رپيا ماليت جا سولر هوم سسٽم ڏينداسين، 2 لک سولر سسٽم لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن