آج کی خبر

ڪراچي جو ٻيڙو ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻوڙي ڇڏيو آهي: حافظ نعيم

ڪراچي جو ٻيڙو ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻوڙي ڇڏيو آهي: حافظ نعيم
  • PublishedMarch 1, 2025

ڪراچي ( رپورٽر) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڊمپر ۽ ٽينڪر ذريعي شهر جي عوام کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪالهه هڪ وزير ڊبل ڊيڪر جو اعلان ڪري رهيو هو، پهرين اها وزير سنگل بس  ته هلائي ڏيکاري،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم چيو ته هو هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي ڊرامي بازي ڪري رهيا آهن،هي اهي ماڻهو آهن جن کي عوام رد ڪري چڪو آهي، انهن کي پهريان ايم اين اي ۽ هاڻي وزارتون ڏنيون وينديون، هن چيو ته پارليامينٽ جعلي آهي، هي فيڪ آهي ڇا ان تي به پيڪا لڳندو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي شهر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، شهر جا منصوبا 10، 10 سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيا، شهر جو انفرااسٽرڪچر تباهه آهي، ڪي 4، ايس 3 نه ٺهي رهيا آهن، 3 حڪومتون تبديل ٿي ويون، گرين لائين اڃا مڪمل ناهي ٿي سگهي،امير جماعت اسلامي چيو ته شهر جي عوام کي ڊمپر ۽ ٽينڪرز ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪالهه هڪ وزير ڊبل ڊيڪر بس جو اعلان ڪري رهيو هو، حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي رمضان کانپوءِ ملين مارچ ڪندي.

 

Written By
mi77i

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *