اسلام آباد (بيورو+م ڊ )پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستاني عوام ڏسي رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪهڙي قسم جي سرڪس هلي رهي آهي، اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اسان خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، هن چيو ته 40 ارب رپين کان وڌيڪ جو سرمايو هن ملڪ مان هليو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ نقصان رڳو عوام کي ٿيندو، هنن وٽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ ڪو به منصوبو ناهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ڪالهه ڪانفرنس ۾ فاشزم انتها تي پهچي ويو هو، سياسي ۽ اخلاقي طور تي ايترا ڪمزور آهن جو ڪانفرنس ٿيڻ ئي نٿا ڏين، شبلي فراز اهو به چيو ته هنن ڪالهه وري وزيرن جو لشڪر کنيو آهي، اهڙن ماڻهن کي نوازيو ويو آهي جن پنهنجو ضمير وڪڻي ڇڏيو آهي.