سان تياگو(م ڊ) ڪائيا نالي هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو توهان جي گهر جي هر ڪنڊ کي اس سان روشن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
خوبصورت روبوٽ ڪائيا جي پيداوار شروع ٿي چڪي آهي ۽ هن جي شڪل ڊش اينٽينا سان ملندڙ جلندڙ آهي، ان کي جتي به اس ملندي آهي ان جو خاص ريفليڪٽر ان کي گهر اندر ڄاڻايل جاءِ تي موڪليندو آهي ۽ گهر جو اهو حصو سج جي قدرتي روشني ۾ روشن ٿي ويندو آهي.
ان جو خاص نظام ڄاڻندو آهي ته گهر ۾ ڪنهن جاءِ تي اونداهه آهي ۽ ڪٿي ڪٿي روشني وجهڻي آهي ۽ پورو ڏينهن سج جي لحاظ کان پاڻ کي تبديل ڪندي روبوٽ گهر جي اونداهه وارن حصن کي روشن ڪندو رهي ٿو.
ڄاڻايل روبوٽ کي عمارتن، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن کي هلائڻ لاءِ ڪنهن بجلي يا چارجنگ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته هي پاڻ سج مان توانائي حاصل ڪندو رهي ٿو.
ڪائيا روبوٽ کي ڪنهن ٿنڀي، ديوار، بالڪوني يا ٻين شين تي لڳائي سگهجي ٿو، ان روبوٽ جي پاڪستاني قيمت 23 هزار رپيا آهي.