ڪوٽڙي ۾ ڪي بي فيڊر مان پاڻي کڻت بند، بحران ٿي ويو، ڊي سي غيرقانوني فراهمي جي اجازت گھري ورتي
November 17, 2024 at 2:01 amڪوٽڙي(رپورٽ:يوسف سارنگ) ڪوٽڙي شهر ۾ پاڻي جو بحران شديد ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رياض حسين وساڻ عدالتي حڪم تي ڪي بي فيڊر تي غيرقانوني طور تي پاڻي کڻڻ لاءِ لڳايل مشينون بند ڪرائي رپورٽ سول جج ڄامشوري جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڊي سي ڄامشورو عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪي بي فيڊر تي 12 غيرقانوني واٽر هائيڊرنٽ ذريعي پاڻي کنيو پئي ويو، جن کي بند ڪرائي مشينون کڻايون ويون آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ سميت ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي اڪثر علائقن ۾ لائينن ذريعي پاڻيءَ جي فراهمي نه ٿي رهي آهي، جنهنڪري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ ۾ ميگا واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چيف ميونسپل آفيسر جو حوالو ڏئي ڄاڻايو ويو آهي ته ٻولهاڙي ميونسپل جي آبادي هڪ لک 69 هزار 613 انسانن مان وڌي اٽڪل اڍائي لک تائين پهچي وئي آهي، تنهنڪري واٽر سپلاءِ جي موجوده سسٽم ذريعي سڄي آباديءَ کي پاڻي فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي. رپورٽ ۾ عدالت کي چيو ويو آهي ته واٽر هائيڊرنٽ مڪمل طور تي بند ڪرڻ سان ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ ۾ پاڻيءَ جو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو، تنهنڪري سڄي آباديءَ تائين پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻجڻ تائين رات جي وقت ٽينڪرن ذريعي پاڻيءَ جي فراهمي جاري رکڻ ۽ ٽينڪرن جا گهٽ ۾ گهٽ اگھ مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
ڊي سي رپورٽ ۾ 3 واٽر سپلاءِ اسڪيمون غير فعال هئڻ جو ذڪر نه ڪيو
ڪوٽڙي: ڊي سي ڄامشورو پنهنجي رپورٽ ۾ ميونسپل ٻولهاڙيءَ ۾ 3 واٽر سپلاءِ اسڪيمون غير فعال هئڻ جو ذڪر نه ڪيو. ٻئي پاسي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ ۾ گذريل 4 ڏينهن کان ٽينڪرن ذريعي پاڻيءَ جي فراهمي جو اڪيلو ذريعو به بند ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ پاڻيءَ جو سنگين ترين بحران پئدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا رهواسين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو به متبادل انتظام نه ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ مشتاق ابڙو چيو آهي ته جيڪڏهن جلد ٻولهاڙي ميونسپل جي عوام کي لائينن ذريعي پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته هو هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪندو.
|
بند پيل ٽن واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي فوري فعال ڪري لائينن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي: رهواسي
ڪوٽڙي: ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ جي سڄاڻ ڌرين خالد لاشاري، اعجاز سومرو، لونگ ملاح، قادر آزاد پنهور، عبدالرحمان جانوري، مرتضيٰ رند، برڪت گهوٽو، محرم خاصخيلي ۽ ٻين چيو آهي ته ڊي سي ڄامشورو سميت اختيارين کي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ ۾ بند پيل ٽن واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي فوري طور تي فعال ڪري رهواسين کي لائينن ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ گهرجي.