کنياري پڪٽ معاملو: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس نه ورتو، جوابدارن جي ضمانت منظور

November 17, 2024 at 2:00 am

اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان کنياري پوليس پڪٽ تي جهيڙي وارو معاملو، اڳوڻي ايم پي اي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ رفيق ٻانڀڻ سميت 79 ڄڻن مٿان داخل ڪيل دهشتگردي ايڪٽ وارو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور پوليس کي واپس ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جاري ڪيل حڪم نامي موجب پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڏيکاريل واقعو دهشتگردي قلمن جي زمري ۾ نٿو اچي، جنهن ڪري پوليس کي قانون موجب ڪيس کي سول عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ٻئي طرف دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ڪيس واپس ڪرڻ بعد ايف آءِ آر ۾ نامزد ماڻهن پاران سينيئر وڪيل نسيم احمد ٻانڀڻ معرفت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي جتي عدالت پاران ضمانت منظور ڪندي ڪيس جي جوابدارن کي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ٺري ميرواهه سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، واضع رهي ته کنياري شهر ۾ پراڻي وائرليس آفيس ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ تان 2 ڏينهن اڳ 79 ۽ ڪجهه هفتا اڳ 150 ماڻهن مٿان ايس ايچ او اڪري چودڳي جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرايا ويا هئا.

 

اي پيپر