ڀارت جي اسپتال ۾ باهه لڳڻ سان 10 تازا ڄاول ٻار فوت
November 16, 2024 at 7:34 pmنئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي هڪ اسپتال ۾ باهه لڳڻ سان 10 تازا ڄاول ٻار فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي شهر جهانسي جي هڪ اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارن لاءِ ٺاهيل آءِ سي يو ۾ گذريل رات باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10ٻار فوت ٿي ويا.
اسپتال اختيارين ٻڌايو ته سڙي زخمي ٿيل 16 ٻارن کي بچائڻ جون ڪوششون جاري آهن، واقعي وقت آءِ سي يو ۾ 54 ٻار داخل هئا.
اتر پرديش جي ڊپٽي چيف منسٽر موجب باهه امڪاني طور آءِ سي يو ۾ موجود آڪسيجن فراهم ڪندڙ يونٽ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.