ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي لکيل خط ۾ پاڪستان نه وڃڻ جا بي بنياد سبب بيان ڪيا

November 16, 2024 at 7:35 pm

چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڀارت پاڪستان نه اچڻ واري هوڏ تي قائم آهي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي پيسن جي آڇ پڻ ڪئي آهي.

ذريعن موجب بي سي سي آءِ کي چيمپئنز ٽرافي لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي لکيل خط ۾ پاڪستان نه وڃڻ جا بي بنياد سبب بيان ڪيا.

قانون موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جا پختا ثبوت ڏيڻا پوندا، آءِ سي سي کي سببن جو جائزو وٺي ڀارت بابت قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو.

پاڪستان نه وڃڻ جا سبب جائز نه ٿيا ته ڀارتي ٽيم کي پاڪستان اچڻ جو چيو ويندو، ڀارت نه مڃيو ته چيمپئنز ٽرافي ۾ نائين ٽيم کي شامل ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن موجب ڀارتي ٽيم جي شريڪ نه ٿيڻ سان آءِ سي سي کي 50 ڪروڙ ڊالر نقصان ٿيندو، آءِ سي سي ٽرافيءَ جي نشرياتي حقن، اشتهارن ۽ اسپانسرشپ کان ڪمائي ڪرڻي آهي، پاڪ ڀارت ميچون نه ٿيڻ سان انڊين بورڊ جي نقصان جو ڪاٿو 10 ڪروڙ ڊالر آهي………..

اي پيپر