وزيراعظم کي انتظامي نه سھي، انساني همدردي طور ئي ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي: ناصر شاهه
January 7, 2021 at 5:25 amڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ، مڪاني ادارن ، ٻيلن ۽ مذهبي معاملن واری وزیر سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته استعفائن کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر ان تی وقت اچڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سڀني پنهنجي پارٽي قيادت کي استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن اسان استعيفيٰ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا سين . انهن خيالن جو اظهار صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه ، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته اسان مڃون ٿا ته ڌرڻن سان حڪومتون ختم نه ٿينديون آهن. پر اهي حڪومتون ناھن وينديون جيڪي مضبوط ھجن، پر ھي ته ھيڏانھن ھوڏانھن جي حڪومت آهي، جيڪا سھاري تي بيٺل آهي، ھن حڪومت کي جي وڃڻ ۾ دير نه لڳندي. سيد ناصر حسين شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪابينا جو اجلاس ۾ مچ سانحي جي شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي. اسان کي احساس آهي ته سخت سردي ۾ شهيدن جا وارث پنهنجن پيارن جي معيتن سان گڏ ويٺل آهن. وزيراعظم کي انتظامي نه سھي سانحي انساني همدردي طور تي ترت ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن شهيدن جا وارث چئي چڪا آهي ته وزير اعظم ايندو ۽ انهن سان ڳالهائيندو ته ھو پنهنجن پيارن کي دفن ڪندا ، تنھن ڪري وزيراعظم کي سموريون مصروفيتون ڇڏي ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي درست طريقي سان عمل نه پيو ٿئي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هنن کي ھزاره ڪميونٽي جي ماڻهن سان دلي همدردي آهي، احتجاجي ڌرڻا اهڙي انداز ۾ منعقد ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي پريشاني نه ٿئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. واھن، ڪينالن تي حد د خلين ھٽائڻ جي سلسلي ۾ عدالتن جي حڪمن جي روشني ۾ عمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون خاص طور تي ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ آبپاشي وارين زمينن تان حد دخليون ختم ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ويون. صوبائي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن لاءِ گهرن جي تعمير لاءِ سنڌ سرڪار پاران هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صوبي جا ماڻهو بينڪنگ اسڪيم مان وڌيڪ فائدو حاصل ڪن ، انهي سلسلي ۾ ، اسان پهريان ئي هڪ لک يونٽس جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ گهر ۽ فليٽ شامل آهن. هن چيو ته ان تي عملدرآمد صرف سنڌ ۾ ڏٺو ويندو. هڪ سوال جو جواب ڏيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعظم پنهنجي گفتار جي گلو بٽ وزيرن ۽ترجمانن کي مخالف ڌر جي ميمبرن تي گند اڇلائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جڏهن ته اسان جي چيئرمين اسان کي سڀني جي عزت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سينيٽ چونڊ بابت سوال جي جواب ، هن چيو ته حڪومتي ڌر وارا سڀ پريشان آھن، اهي سينيٽ جي چونڊن ۾ پنهنجي ميمبرن کي سنڀالين سنڌ ۾ ڪھڙو اپ سيٽ ڏيندا. لاءِ ڇا ڪندا؟ انھن کي اصل ۾ پنھنجي ماڻهن جو خوف آهي تڏهن ته جيڪي کليل بيلٽ ۽ شو آف ھينڊ تحت سينيٽ چونڊن جي ڳالھ ڪري رھيا آھن. هڪ سوال جو جواب
هن چيو ته جيڪي غريبن لاءِ ھڪ ڪروڙگهر ٺاهڻ جو نعرو ھڻي رھيا ھئا انھن پھرين پنهنجي گهر کي سستي اگهه تي قانوني شڪل ڏئي ڇڏيو ، اهو وزيراعظم جو ئي گهر آهي ، اهو آھي امين ۽ صادق وزيراعظم جيڪو گهٽ پئسن ۾ پنهنجي گهر کي قانوني بڻائي ويو، پر غريب جن پنھنجي سموري زندگي جو جمع ڪيل سرمائي سان تعمير ڪيل گهرن کي قانوني شڪل ڏيڻ جي اجازت نه ٿي ملي ۽ غريبن جا گهر مسمار ڪيا پيا وڃن ، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن لاءِ رڳو مشاورت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ وئي آهي. سينيٽ چونڊن جو فيصلو ته صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پنھنجي ووٽ سان ڪندا. تنھن ڪري نتيجن جو ٿورو انتظار ڪيو. ھن چيو ته ٻيٽن تي ترقي اتان جي رهواسين جي مرضي مطابق ٿيندي اتي ترقي ترقي صرف سنڌ سرڪار ڪندي سنڌ حڪومت عوام کي بهتر متبادل فراهم ڪرڻ لاءِ ٿر ڪول ۾ بهتر منصوبابندي کڻي آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاق ۾ ويٺل حڪمران بي حس آهن ۽ جڏهن وزير اعظم ڪراچي اچڻ کان پهريان ڪوئيٽا جو دورو ڪري . اسان ڪراچي جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون.