ميهڙ ۾بدامني خلاف تحريڪ جاري: ايس ايس پي تي پڪڙيل ڏوهاري ڇڏائڻ جو الزام، ايس ايچ او ٿاڻو ڇڏي ويو
November 17, 2024 at 2:00 amميھڙ(ن پ ا) ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ امن امان جي بحالي ۽ منشيات خلاف شھري اتحاد ميھڙ جي سڏ تي 17 ڏينھن به سياسي سماجي، مذھبي تنظيمن ، واپارين ،قومپرست اڳواڻن احتجاج جاري رکيو. مظاھرين ٻيٽو چوڪ کان ٽي ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي. اڳواڻن نياز ٻرڙو، وڪيل مير کوسو،گل حسن شيخ، ايوب کوسو، حافظ منظور چانڊيو، حبيب حضوري، اشتياق تنيو، گلشير سوڍر، سيد فتاح شاهه ۽ ٻين چيو ته 17 ڏينھن کان ميھڙ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سرعام ھلندڙ منشيات خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر ڪير نوٽيس وٺڻ وارو نه آھي. ميھڙ پوليس ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن اڳيان بيوس بڻيل آھي مظاھرين ھڪ اھم انڪشاف ڪيو ته ايس ايڇ او اي سيڪشن اڪبر چنه گذريل رات ھڪ پاٿاري تي ڇاپو ھڻي ڪجھ ڏوھارين کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري ٿاڻي تي ئي کڻي نه پھتو ته ايس ايس پي دادو سميت بااثر وڏيرن جي مداخلت تي ڏوھارين کي آزاد ڪري ھٿ ڪيل موٽرسائيڪلون گم ڪري ڇڏيون. جنھن عمل خلاف ايس ايڇ او چارج ڇڏي ويو آھي ان کان وڌيڪ ايس ايس پي دادو جي ڪھڙي نااھلي ٿي سگھي ٿي. ايس ايس پي دادو ڏوھارين ، پاٿاريدارن ۽ منشيات فروشن جو ساٿاري آھي انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء انھن کي پناھ پيو ڏئي. ان ظلم جو نوٽيس وٺي ڏوھن چورين ڦرن ڌاڙن ، منشيات فروشن جا ساٿاري بڻيل پوليس اھلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. نه ته احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او اي سيڪشن اڪبر چنه پنھنجو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته آئون پنھنجي والد صاحب جي طبيعت خراب ھجڻ ڪري ٻن ڏينھن لاء موڪل تي ڳوٺ آيو آھيان ۽ مون ميھڙ ٿاڻي جي چارج نه ڇڏي آھي مون خلاف سوشل ميڊيا تي غلط افواهه ڦھلايا ويا آھن ته ايس ايڇ او ٿاڻي جي چارج ڇڏي ھليو ويو آھي ان ڳالھ ۾ ڪا به صداقت نه آھي منھنجو ايس ايس پي دادو تي پورو اعتماد آھي ۽ مان موڪل ختم ڪري واپس ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي چارج وٺندس