عمران خان ۽ ٻين جي آزادي لاءِ هنگامي بنيادن تي وڪالت ڪئي وڃي: آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو بائيڊن کي خط
November 16, 2024 at 7:45 pmواشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي 46 ڪانگريس ميمبرن صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو.
آمريڪي ڪانگريس ميمبرن خط ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت ايوان جي نمائندن جي ٺهراءَ تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سميت ٻين سياسي قيدين جي آزادي لاءِ هنگامي بنيادن تي وڪالت ڪئي وڃي.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته يو اين ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي روشني ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.
خط جي متن موجب پاڪستان ۾ 2024 جي ناقص اليڪشن کانپوءِ انساني حق پامال ڪيا ويا، پاڪستان جي اهم سياسي جماعت پي ٽي آءِ کي چونڊن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مختلف حربن باوجود پي ٽي آءِ اميدوارن آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ۾ خدشن بابت رپورٽن کي حڪومت شايع ٿيڻ کان روڪيو، باني سميت ٻين اڳواڻن کي مسلسل قيد ۾ رکڻ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو آهي.
پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شايع ڪيل خط تي 46 ڪانگريس ميمبرن جون صحيحون آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ پڻ 60 کان وڌيڪ ميمبرن پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ جو بائيڊن کي خط لکيو هو.