عمران خان تي فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جا اشارا ناهن مليا: برطانوي پرڏيهي وزير

November 16, 2024 at 7:59 pm

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني خلاف امڪاني طور فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ بابت برطانوي پرڏيهي وزير جو ردعمل اچي ويو.
برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي برطانوي ايم پي ڪم جانسن جي خط جي جواب ۾ برطانوي موقف واضح ڪيو آهي.
ڊيوڊ ليمي چيو ته پاڪستاني اختيارين وٽان پي ٽي آءِ باني تي فوجداري عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جا اشارا ناهن مليا، اختيارين جي صورتحال تي نظر آهي.
هن چيو ته عدالتي معاملا ملڪ جو اندروني مسئلو آهي پر عالمي ذميوارين ۽ بنيادي آزادي جو احترام ضروري آهي، سياسي مخالفت، اظهار جي آزادي ۽ اجتماع جي آزادي جهڙن مسئلن تي خدشا آهن.
واضح رهي ته ڪم جانسن، ذلفي بخاري جي درخواست تي برطانوي پرڏيهي وزير کي خط لکيو هو، ڪم جانسن کي موڪليل خط تي مختلف جماعتن جي 20 پارليامينٽ ميمبرن جون صحيحون به هيون.

اي پيپر