سنڌ ڪابينا ۾ڦيرڦار، مڪيش ڪمار چاولا ٻيهر وزير بڻجي ويو، 2 صلاحڪار شامل

November 16, 2024 at 2:59 am

سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، مڪيش ڪمار چاولا ٻيهر وزير بڻجي ويو ۽ بابل ڀيو جي واپسي ٿي آهي.

هڪ وزير ۽ ٻن صلاحڪارن جي شموليت بعد وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايڪسائيز کاتو شرجيل انعام ميمڻ کان واپس وٺي مڪيش ڪمار چاولا حوالي ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب شرجيل ميمڻ وٽ ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات کاتي جا قلمدان رهندا جڏهن ته سعيد غني مڪاني ادارن ۽ ڄام خان شورو آبپاشي کاتي جو وزير هوندو.

زراعت، رانديون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتا محمد بخش مهر حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته محمد علي ملڪاڻي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

ماحوليات، ماحولياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ جا کاتا دوست محمد راهمون حوالي ڪيو ويو ۽ بابل ڀئي کي ٻيلو ۽ جهنگلي جيوت کاتو ڏنو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڪچي آبادين وارو قلمدان سيد نجمي عالم حوالي ڪيو ويو.

وڏي وزير جي خاص مددگارن جي کاتن ۾ به ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لالچند اڪراڻي اقليتي معاملن بابت وڏي وزير جو خاص مددگار هوندو، جڏهن ته سرفرار راڄڙ سماجي تحفظ ۽ قاسم شاهه سيڙپڪاري،  راجوير سنگهه انساني حقن ۽ منصور شاهاڻي شاگردن جي معاملن بابت مددگار مقرر ڪيو ويو.

عثمان هڱورجو بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيسز بابت خاص مددگار ۽ عبدالجبار خان خوراڪ کاتي بابت وڏي وزير جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جنيد بلند اسٽيوٽا ۽ سليم بلوچ پبلڪ هيلٿ بابت خاص مددگار هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب سي ايم انسپيڪشن ٽيم وقار مهدي حوالي ڪئي وئي.

اي پيپر