سجاول ضلعي جي علائقي شاهه بندر مان گيس جا ذخيرا هٿ

November 16, 2024 at 2:55 am

سجاول ضلعي جي علائقي شاهه بندر مان گيس جا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن.

توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه گيس جي ذخيرا هٿ اچڻ جو اعلان ڪندي چيوته سجاول ضلعي جي علائقي شاهه بندر ۾ گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جا وڏا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته  سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني پرائيويٽ لميٽڊ سندن گڏيل ڀائيوار آهي، ڪمپني شاهه بندر بلاڪ ۾ 2 ڏهائي 5 سيڪڙو تي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي.

ناصر شاهه چيو ته پاڪستان پئٽروليم لميٽڊ 63 سيڪڙو ميجارٽيءَ سان آپريٽر طور ڪم ڪندي آهي، ماڙي پئٽروليم ڪمپني لميٽڊ ۽ جي ايل پي ايل وٺ 32 ۽ 2 ڏهائي 5 سيڪڙو ورڪنگ آهي.

صوبائي وزير چيوته کوهه کي لوئر گورو فارميشن ۾ هائڊرو ڪاربن لاءِ 24 سئو 75 ميٽر گهرائي ۾ کوٽيو ويو.

ناصر شاهه چيو ته هٿ آيل ذخيرن مان روزانو 11 ڏهائي 7 مڪعب فٽ گيس ۽ 198 بيرل ڪنڊينسيٽ نڪري رهي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گيس جا ذخيرا هٿ اچڻ تي سنڌ خاص طور سجاول جي عوام کي واڌايون ڏنيون آهن.

اي پيپر