ممبئي(م ڊ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته بالي ووڊ فلم تي پروڊيوسرز لاءِ آسٽريليا بهترين عالمي مقام آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ نالي واري اداڪارا پرينتي چوپڙا چيو آهي ته فلم چڪ دي انڊيا سلام نمستي ۽ بچنا اي حسينو جي عڪسبندي آسٽريليا جهڙي خوبصورت ملڪ ۾ ڪئي وئي ۽ يقينن ڀارتي فلمن جي عڪسبندي لاءِ بهترين عالمي مقام آهي.
هن چيو ته آسٽريليا هڪ منفرد ملڪ آهي، جنهن ۾ خوبصورت جبلن، شهرن، وائلڊ لائف، کائڻ ۽ ثقافت تعريف جوڳا آهن.