انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان چئمپينز ٽرافي لاءِ  پاڪستان نه اچڻ بابت لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو

November 15, 2024 at 2:22 pm

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان چئمپينز ٽرافي لاءِ  پاڪستان نه اچڻ بابت لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي کان ڀارتي خط جي لکت ۾ ڪاپي گهري هئي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي پاڪستان نه وڃڻ بابت زباني آگاهه ڪيو هو.

ذريعن موجب، هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي سبب بيان ڪرڻ جو چيو آهي، پاڪستان لکت ۾ سبب ملڻ تي ان جي حق ۾ پڪا ثبوت گهري سگهي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون تحت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪرڻو پوندو، آءِ سي سي کي سببن جو جائزو وٺي ڀارت بابت قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان نه اچڻ جا سبب جائز نه هوندا ته ڀارتي ٽيم کي اچڻ لاءِ چيو ويندو، ڀارت انڪار ڪيو ته چئمپينز ٽرافي ۾ نائين ٽيم کي شامل ڪيو ويندو.

اي پيپر