احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڪامياب نه ٿيندي: نواز شريف
November 16, 2024 at 5:33 pmلنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف چيو آهي ته 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
پاڪستان روانگي کان اڳ لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندڙن کي ڪوڙو ئي چونداسين، 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، احتجاج جو سڏ ڏيندڙ ڪامياب نه ٿيندا.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف 24 نومبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو آهي.