آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي تيرهن رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
November 16, 2024 at 7:32 pmآسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي تيرهن رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سڊني ۾ کيڏيل ٽن ميچ واري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ آسٽريلين ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڪينگروز اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ نون وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان ميٿو شارٽ 32، هارڊي 28، گلن ميڪسويل 21 ۽ جيڪ 20 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.
پاڪستان طرفان حارس رئوف 4، عباس آفريدي 3 ۽ صفيان مقيم 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
148 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 19 ڏهائي 4 اوورن ۾ 134 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان عثمان خان 52، عرف ان خان 37 ۽ رضوان سورهن رنسون ٺاهي ناميان رهيا، باقي ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيو.
آسٽريليا طرفان اسپينسر جانسن 5، ايڊم زمپا 2 ۽بارٽ ليٽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پنج وڪيٽون وٺڻ تي اسپينسر جانسن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.