پي ٽي آءِ جو پلان تبديل، هر شهر ۾ احتجاج بدران سڀ 24 نومبر تي اسلام آباد پهچو: عمران جي هدايت

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ احتجاج جو پلان تبديل، عمران هر شهر ۾ احتجاج بدران اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، باني پي ٽي آءِ جي گهرواري بشريٰ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪو نمائندو 5 کان 10 هزار ماڻهو نه آڻيندو يا ڪير گرفتار ٿيندو ته اهو پارٽي کان ٻاهر هوندو. ميڊيا رپورٽس موجب پيٽي آءِ جو وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ 24 نومبر جي احتجاج لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪارڪن پشاور موڙ تي گڏ ٿيندا، ڪارڪنن کي ڪپڙا، کاڌو پيتو، موبائل چارجر گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪارڪنن کي چيو ويو ته هن ڀيري نه ڪا رعايت نه وري ڪو بهانو هلندو، اجلاس ۾ وزيراعليٰ گنڊاپور سوڌو 300 کان وڌيڪ اڳواڻن شرڪت ڪئي، پنجاب ۽ ڪي پي جي تنظمين جو ڌار ڌار اجلاس طلب ڪري وڌيڪ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي، عمران جي گهرواري بشريٰ به پارٽي مشاورت ۾ شامل ٿي وئي آهي، اجلاس ۾ بشريٰ بي بي پردي پٺيان 10 منٽ خطاب ڪيو جنهن دوران سڀني کان موبائل فون بند ڪرائي وئي. پردي پٺيان خطاب ڪندي بشريٰ بي بي چيو ته عمران پيغام ڏنو آهي ته ملڪ لاءِ 24 نومبر تي ٻاهر نڪرو، بشريٰ چيو ته خدشو آهي ته مون کي 24 نومبر کان اڳ گرفتار ڪيو وڃي، ذريعن موجب بشريٰ 24 نومبر تي احتجاج ۾ هر تڪ مان ايم اين اي کي 10 هزار ۽ ايم پي اي کي 5 هزار ماڻهو آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو، ذريعن موجب بشريٰ بي بي چيو ته جيڪو ايم اين اي يا ايم پي اي ماڻهو نه آڻيندو ان کي پارٽي مان ڪڍيو ويندو، جيڪو ايم اين اي ايا ايم پي اي احتجاج کان اڳ گرفتار ٿيو اهو به پارٽي کان ٻاهر سمجهيو ويندو. ذريعن موجب بشريٰ بي بي چيو ته سياست ۾ اچڻ جو منهنجو ڪو به ارادو ناهي، ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران چيو ته بشريٰ سياست ۾ حصو نه وٺي رهي آهي نه ئي وٺندي پر عمران سان اڳواڻن کي ملاقات جي اجازت نه ٿي ملي ان ڪري ڪنهن کي ته پيغام پهچائڻو آهي، هن چيو ته بشريٰ کي پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ تحريڪ جو پلان تبديل ڪيو ويو آهي، عمران خان جو چوڻ آهي ته هر شهر ۾احتجاج ڪرڻ بدران سڀ اسلام آباد پهچو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *