نيو سعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن ھڪ ڳوٺاڻي کي ماري ۽ ٻئي کي زخمي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳوٺ زير پير وٽ موٽر سائيڪل تي سوار 3 نامعلوم ھٿيار بندن ٻن موٽر سائيڪل سوارن کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي.مزاحمت تي هٿياربندن گوليون ھڻي 60 ورهين جي جان محمد ڪيريو ۽ ڌڻي ڏنو عرف گلاب ڪيريو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ، اسپتال پھچندي جان محمد ڪيريو دم ڏئي ڇڏيو جڏھن ته گلاب ڪيريو کي ابتدائي طبي امداد بعد حيدرآباد نيو ويو آهي. اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا اسپتال پھچي ويا. مقتول جا وارث دانھون ڪري روئيندا رھيا. مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن جي اڄ صبح تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.