ڪراچيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪرائڻ جي ڪوشش!
پاڪ سرزمين پارٽي جي قيادت پاران ايم ڪيو ايم جي ميئر وسيم اختر کي اختيار ڏيڻ سميت 16 مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جي ڪوشش دوران شاهراهه فيصل اُن وقت جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻي ۾ سندس مارچ عائشه باواني اسڪول وٽ پهتو […]
سياست کي وکر بڻجڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي!
سڄي دنيا ۾ سياست کي سماجي علم طور ڏٺو ويندو آهي، سياست وسيلي قومون پنهنجي تقدير تبديل ڪنديون رهنديون آهن، پر پاڻ وٽ سياست نج ڪاروباري صورت اختيار ڪري وئي آهي. فقط ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاندان حڪمرانيءَ جو حق پنهنجي هٿن ۾ ڪيو ويٺا آهن. اُنهن خاندانن جي هٿ وس جيڪي پارٽيون آهن، […]
آدمشماريءَ بابت پيدا ٿيندڙ خدشن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي!
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسين چاهيون ٿا ته آدمشماري درست نموني ٿئي، هر ماڻهوءَ کي ڳڻيو وڃي، ڪو به رهجڻ نه گهرجي، نه وري غلط ماڻهوءَ جي ڳڻپ ٿئي. وڏي وزير جو آدمشماريءَ بابت خدشن جي حوالي سان چوڻ آهي ته […]
سنڌ جي ڏهن ضلعن جون اسپتالون خانگي هٿن ۾ ڏيڻ وارو فيصلو!
اربعا واري ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي پاليسي بورڊ واري اجلاس ۾ صحت ۽ تعليم بابت ويچاريو ويو. ڄاڻايل کاتن جي سيڪريٽرين اجلاس ۾ موقف رکيو ته سرڪاري اسپتالن ۽ ٽيچنگ ٽريننگ ادارن جي ڪارڪردگي تمام خراب آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ اڪثر ڊاڪٽر ۽ عملو ڊيوٽي ئي نٿو […]
فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ بابت ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس!
2014 جي ڊسمبر ڌاري پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کان پوءِ دهشتگردن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ۽ دهشتگردن کي سزائون ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي ڳالهه ڪئي وئي. تڏهن مُلڪ ۾ مجموعي صورتحال انتهائي جذباتي هُئي، معصوم شاگردن جي قتلِ عام تي هر اک آلي هُئي، جنهن ڪري […]
اسلام آباد ۾ ڪوٺايل اقتصادي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس
ڪالهه اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ ايران سميت ٻين ميمبر ملڪن جي سربراهن خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل علائقائي سهڪار کي اهم قرار ڏنو آهي، 22 سالن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٿيل اي سي او سربراهي ڪانفرنس ۾ پنجن ملڪن جا صدر ۽ ٽن ملڪن […]
قومي معاملن کي اينگهائڻ واري روايت ختم ٿيڻ گهرجي
پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي قيام تي اتفاق ڪرڻ جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي اُن وقت تائين حمايت نه ڪندي، جيستائين ان جا نوان شرط شامل نه ڪيا ويندا، هڪ انٽرويو ۾ […]
سنڌي ٻوليءَ جي سلامتي ۽ بقا جو سوال!
ٻولي انسان جي دل يا اندر جي اظهار جو ٻيو نالو آهي، جنهن وسيلي هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي سان واسطو رکن ٿا، هڪٻئي کي سمجهن ٿا ۽ ٻوليءَ کانسواءِ انساني سماج جو تصور به ناممڪن آهي، پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جي واڳ ڌڻين تاريخ جي ان تلخ سچائيءَ مان ڪوبه سبق نه سکيو. […]