ڪنڊياري ويجهو فرار ٿي ويل جوابدار کي پوليس راڄوڻي ذريعي ٻيهر هٿ ڪري ورتو

ڪنڊياري ويجهو فرار ٿي ويل جوابدار کي پوليس راڄوڻي ذريعي ٻيهر هٿ ڪري ورتو.

ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ پاران جوابدار جي فرار ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز تي خبرون هلڻ بعد پپري پوليس گذريل ڏينهن ڪمال ديرو جي ڪچي واري علائقي پهچي معززن کي مبينا طور منٿون ڪري فرار ٿيل جوابدار مجن عرف مجو ملاح کي هٿ ڪيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪنڊيارو ڀرسان پپري پوليس عورت جي اغوا ۽ چورين جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جمن ملاح جو رمانڊ ورتو ويو، جيڪو پوليس وٽان هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو هو.

هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس ڊيل تحت جوابدار جي گرفتاري کي يقيني بڻايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *