سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار تمام گھڻو آهي،بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جلد مرحليوار سولر پليٽون ورهائڻ جو  ڪم شروع ڪيو ويندو : ناصر حسين شاهه

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پنوعاقل پيپلزپارٽي جو مضبوط ڳڙهه رهيو آهي، سنڌ سرڪار سکر ضلعي سميت سموري صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي، امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.

پني عاقل ۾ آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار تمام گھڻو آهي،بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جلد مرحليوار سولر پليٽون ورهائڻ جو  ڪم شروع ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته سکر ۾ پيپلزپارٽي ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هن وقت به مختلف هنڌن تي ڪم هلن پيا.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي.

آجياڻي جي تقريب کي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ضلعي ڪاؤنسل سکر جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *