پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جون ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت بابت درخواستون رد ڪيون ويون آهن.
اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪه عبوري ضمانت بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر اقبال ڪاڪڙ ۽ وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران وڪيل خالد يوسف چوڌري بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي پراسيڪيوٽر اقبال ڪاڪڙ عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي پنهنجا ضمانتي ڪاغذ ئي جمع ناهن ڪرايا.
جج افضل مجوڪه وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڃا تائين ضمانتي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا؟، جنهن تي وڪيل خالد يوسف چوڌري چيو ته اڄ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو آهي، بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل وڃڻو آهي.
عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪري رهيا آهيو، عبوري ضمانت بابت ٽئي درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.
عدالت بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست به رد ڪري ڇڏي
اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي تي 26 نومبر جي احتجاج جا ڪيس داخل هئا.