قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام چار وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جو 9 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل ايجنڊا موجب، اجلاس ۾ انساني اسمگلنگ جي حوالي سان سيد امين الحق، حفيظ الدين ۽ ٻين جا ڌيان ڇڪايو نوٽس غور هيٺ ايندا.
قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ نيشنل ڪميشن آن هيومن رائيٽس ترميمي بل 2025 ۽ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪندو.
اهڙي طرح ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب جنوري کان جون تائين اين ايف سي ايوارڊ جي تعميل جي رپورٽ پيش ڪندو.