پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گھر واري بشرى بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.
احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد رانا اڄ صبح يارهين وڳي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جو فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٻڌائيندو.
پي ٽي آءِ باني جي وڪلي خالد يوسف چوڌري تصديق ڪندي چيو ته عدالتي عملي اڄ فيصلو ٻڌائڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
عدالتي عملي طرفان قومي احتساب بيورو (نيب) پراسيڪيوشن ٽيم کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، فيصلو 18 ڊسمبر 2024 کي محفوظ ڪيو هو.
ٻئي پاسي اڊياله جيل جي اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسپيشل سڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو، اڊياله روڊ تي پوليس جون پڪٽن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي.