ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب جابلو علائقن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار رهندي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب ۾ وچولو ڪوهيڙو ۽ ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مٿانهن علائقن ۾ هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڏکڻ اوڀر پنجاب ۽ سنڌ جي اوڀرندي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.
هوڏانهن ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم 2 اسلام آباد کان لاهور تائين ٽرئفڪ لاءِ بند ڪئي ويئي.
موٽر وي ايم 3 لاهور کان جڙانوالا، ايم 4 پنڊي ڀٽيان کان ٺوڪر نياز تائين ٽرئفڪ لاءِ بند ڪئي ويئي آهي…