بني گالا منتقلي پي ٽي آءِ باني جي خواهش آهي، آڇ جي ڳالهين ۾ صداقت ناهي : خواجه آصف

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بني گالا منتقلي پي ٽي آءِ باني جي خواهش آهي، آڇ جي ڳالهين ۾ صداقت ناهي، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو تعلق عدليه سان آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ امن قائم ٿي وڃي ته پيرن تي بيهي ويندو، ملڪي معيشيت ۾ بهتري اچي رهي آهي.

سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته سياسي استحڪام لاءِ ڪوششون جاري آهن، ملڪي معيشيت ۾ بهتري اچي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته بني گالا منتقلي پي ٽي آءِ باني جي خواهش آهي، آڇ جي ڳالهين ۾ صداقت ناهي، تحريڪ انصاف جو هر طريقو ناڪام ٿيو آهي.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته جنهن به تحريڪ انصاف باني کي مشورو ڏنو، سندس سوچ ۾ گهٽتائي آهي، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ تباهي ڪري وئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *