ٽرمپ جو ايندڙ دور ۽ پاڪستان جي حڪمت عملي

هيلري ڪلنٽن ٺيڪ ئي  چيو ھو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جو تعلق سس ۽ ُننهن  وارو آهي. ڪجهه ماڻهو ھن لاڳاپي  کي رولر ڪوسٽر سان به ڀيٽيندا آهن. تيزي سان ھيٺ ۽ مٿي ٿيندڙ جھولو ڪڏهن توهان کي پاتال ۾ وٺي ويندو آهي تھ ڪڏهن آسمان تي ُاڏائيندو آهي.صدر بش ۽ جنرل مشرف دوست هئا، ريگن ۽ جنرل ضياءَ  جي گھڻي لڳندي ھئي. ايوب خان کي به آمريڪا جا صدرن  پسند ڪندا ھئا. پر پوءِ بائيڊن جو پاڪستان سان  يڪو ٿڌو رويو رھيو. ڪلنٽن کي بھ غير جمهوري روين ۽ انتها پسند ڪاررواين تي تحفظات هئا. پر ڪلنٽن ڪارگل جنگ ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ُپل جو ڪردار پڻ ادا ڪيو.

يحييٰ خان جي دور ۾، هينري ڪسنجر پاڪستان ذريعي چين جو  ڳجھو دورو ڪيو ھو. هاڻي صدر ٽرمپ ڪجهه ڏينهن ۾ اقتدار سنڀاليندو. پاڪستان جي رياست ۽ عوام ٻئي مختلف ذهني اميدن ۽ خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.اسان جي ڪجهه ڀائرن جو خيال آھي ته صدر ٽرمپ جي اچڻ سان ئي پاڪستان  جي سياست ۾ ڀونچال اچي ويندو. تاج اُڇلايا ويندا ۽ تختا اُلٽجي ويندا.سمجھدار  سفارتڪار ايئن نھ ٿا سمجھن. انهن جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ جي اوليتن ۾ پاڪستان جا سياسي مسئلا  نھ آھن.البتھ صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران بار بار اھو چوندو رھيو آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي هڪ ناڪام حڪمت عملي هئي ۽ غير معمولي رفتار سان ڪئي وئي، جنهن جا آمريڪا ۽ افغانستان ٻنهي تي منفي اثر پيا.ٿي سگھي ٿو تھ اھو ان ڳالهھ کي سبب بڻائي افغان ۽ انتها پسند طالبان جي خلاف اٿي کڙو ٿئي.

اهو امڪان بھ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ته صدر ٽرمپ کي لڳي تھ پاڪستان ڳجهي طور تي طالبان جي مدد ڪئي آهي. مونکي لڳي ٿو ته پاڪستان ٻنهي طرح جي حالتن لاءِ جي تياري ڪري ورتي آهي. ٻنهي قسمن جي حالتن  سان ڪيئن منهن ڏيڻو آهي ان بابت سڀني ممڪن امڪانن جو جائزو ورتو ويو آهي. ساڳئي وقت صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تياري مڪمل آهي.اسان جا انصافي ڀائر ” ُاڀي پير”  بيٺا آهن ته ھوڏانھن  ٽرمپ گادي تي ويهندو، ھيڏانھن  اڊيالا جيل جو دروازو کلي ويندو، ٻئي طرف رياست ان صورتحال جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ هڪ سينئر ساٿي سفير  رضوان شيخ جي چونڊ ڪئي. بين الاقوامي طور مشڪل حالتن  ۾ تازو ڪجهه ڏينهن اڳ، آمريڪا پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي پابنديون لڳايون آھن. ۽ گڏ اھو  پيغام ڏنو آھي تھ  انھن ميزائلن جي پھچ ۽ ھدف  آمريڪا بھ ٿي سگھي ٿو. يعني اھا ڳالھھ  کان ئي غلط آھي پاڪستان پنھنجا ھدف ھندستان جي آخري سرحد ۽ سمنڊ ۾ ان جي  موجود اڏن تائين  ضرور رکيا آھن. پر انھن جي آمريڪا تائين پهچڻ  واري ڳالهھ تي اسرار مان لڳي ٿو  ته پاڪستان ۽ چين جي ويجھڙائپ سان آمريڪي  تلخي جو شڪار آھن. پاڪستان بھ ايترو سادو نھ آھي جو عالمي چالن کي نھ سمجھندو ھجي. هڪ طرف پاڪستان کي فوجي ڇانوڻي اسٽيٽ يا عسڪري و جنگي رياست سڏيو پيو وڃي، ۽ ٻئي طرف ان جي ميزائل پروگرام جي نالي تي پاڪستاني سرڪاري ادارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي.

اندازو آهي ته پھرين تھ  ٽرمپ جلدي عمران خان جو مسئلو نه کڻندو، پر جيڪڏهن  کنيو ويو تھ پوءِ صدر ٽرمپ جي طبيعت مطابق  ڪاروباري ڏي وٺ  جي ڳالھھ ٿي سگھي ٿي. ٽرمپ  کي خود ٽرانزيڪشن ڊيلر گھڻو پسند آھن.جيڪڏهن هن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو تھ، پاڪستان کي ڇا  ملندو؟ 10 ارب ڊالر، مفت تيل ۽ ٻيون ڪھڙيون سھولتون ؟

نواز شريف جي جده وڃڻ جي بدلي سعودي عرب پاڪستان کي مفت تيل ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون ھيون هاڻي آمريڪا ڇا ڏيندو؟ فرض ڪريو ته آمريڪا واپاري ڊيل  جي بدران ٻانھن مروڙي ٿو، معاشي قرض ۽ پرڏيهي آمدني بند ڪري ٿو، ته موجوده حڪمران ان بيانئي کي پنهنجي مقبوليت لاءِ استعمال ڪندا. ھاڻي کان ئي اھا ٿيوري  پکڙجي چڪي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل، عمران خان جي مدد سان پاڪستان جي سڀ کان وڏي اثاثي يعني  نيوڪليئر  پروگرام کي کسڻ چاهين ٿا.

اهو بيانيو پڻ سامهون اچي چڪو آهي ته طالبان آمريڪا جي ڳجھي ۽ ظاهري امداد تي هلي رهيا آهن، هر مهيني انھن کي هڪ خاص جهاز ۾ ڊالر پهچايا ويندا  آهن. طالبان جي پاڪستان مخالف سرگرمين جي پويان  اصل ۾ آمريڪا  ئي آهي، جيڪو طالبان کي پالي ڪري پاڪستان کان آمريڪي ايجنڊا پوري ڪرائڻ چاھي ٿو. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته مسلم دنيا ۾ صدر ٽرمپ جي سڀ کان ويجهي ساٿي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو  پاڪستان جي رياست سان گھرو تعلق آھي. اندازو آهي ته پاڪستان پنھنجي سياسي مشڪل جو  اظهار  ان سان بھ ڪيو ھوندو ۽  ھو پاڪستان جي ان سفارش کي رد نه ڪري سگهيو ھوندو، تنھن ڪري نھ تھ پاڪستان ڀوٽان، نھ ئي عراق ۽ نھ ئي ڪينيڊا بڻجڻ لاءِ تيار آهي. ڪيوبا وانگر ڏند ۽ ڏکڻ ڪوريا وانگر مسڪراهٽ ٻنھي کي ڪتب آندو ويندو.

سڀ سڪا نھ ٿا ھلن تھ پوءِ  آخري حربو چين سان رجوع ڪرڻ جو ھوندو. پاڪستان آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، ايٽمي صلاحيت جي لحاظ کان ستون  اھم ملڪ آهي، ميزائلن جي لحاظ کان واحد اسلامي ملڪ آهي، منظم فوج جي لحاظ کان ٽيون يا ٻيو وڏو ملڪ آهي ۽ جمھوري آزادين جي حوالي سان 57 اسلامي ملڪن مان واحد ملڪ آهي. جتي جمهوريت، آئين، آزادي ۽ برابري جي  ھر وقت جدوجهد جاري رهي ٿي.

چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ڪنهن جي لاءِ ڀڳل گرھ نھ آھي ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. جيئو  ۽ جيئڻ ڏيو تحت معاملا  ھجن تھ نه ته پاڪستان کي نقصان پهچندو ۽ نه ئي آمريڪا کي ڪو ڇيھو رسندو. پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو تڏھن به افغانستان سان ٽھ رخي حڪمت عملي تحت  منھن ڏنو ويندو. طالبان جا مخالف اسان سان گڏ اچڻ لاءِ بي چين آهن. انهن کي سائو جھنڊو  ڏيکاري سگهجي ٿو.جڏھن چاھيون  انهن جا معاشي ۽ مالي معاملن  ۾ رخنو وجھي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن معاملو حد کان اڳتي وڌيو  ته پوءِ پيار ۽ جنگ  ۾ وڇوٽيون بھ مٽجي سگهن ٿيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *