18 هين ترميم کان اڳ صدر هڪ اهم اختياري هو، 2010 ۾ منظور ٿيل ترميم کانپوءِ ان جي اڪثر اختيارن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت کان وٺي، پاڪستان هڪ نيم صدارتي نظام کان هڪ خالص پارلياماني حڪومت ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي. پاڪستان هڪ گهڻ جماعتي جمهوريت آهي جتي ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن لاءِ مقابلو ڪن ٿيون. جڏهن ته 1971ع کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ٻه جماعتي نظام جوڙيو ويو.
مرڪزي پارٽين جهڙوڪ مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ به تيزي سان اضافو ٿيو آهي. 2008ع ۾ صدر پرويز مشرف جي استعيفيٰ کان پوءِ ”ملٽري اسٽيبلشمينٽ“ ۽ سياست جي وچ ۾ هڪ لڪير ٺهي وئي جنهن سبب پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم ڪڏهن به پنهنجو مڪمل مدو پورو نه ڪيو آهي. هن وقت به نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي اتحاد ۾ هلندڙ حڪومت اندروني اختلافن جو شڪار آهي شهباز حڪومت ٺهڻ کان وٺي پيپلزپارٽي ظاهري طور حڪومت جو حصو هئڻ باوجود اندروني طور سخت ناراض ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن جو تذڪرو بلاول ڀٽو زرداري وقت بوقت ڪندو رهيو آهي،
ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري احتجاج طور جڊيشل ڪميشن مان پنهنجي نامزدگي به واپس وٺي ڇڏي آهي، تازو بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ٿيل پيءَ ۽ پٽ جي متضاد تقريرن مان لڳي پيو ته منجهن هم آهنگي ناهي رهي. حڪومتي معاملي ۾ اتحادين ۾ اندروني طور ڏار بئجي چڪا آهن جنهن کانپوءِ نواز ليگ الڳ پريشان آهي ته وري پيپلز پارٽي قيادت ڪجهه ٻيو سوچي رهي آهي.
وزير اعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جو گڏجي اڳتي هلڻ تي اتفاق ٿي ويو. ملاقات ۾ محمد اسحاق ڊار ۽ سيد محسن رضا نقوي پڻ شرڪت ڪئي.گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نويد قمر پڻ ملاقات ۾ شريڪ ٿيا. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جو عزم ورجايو.صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ۽ طئي ڪيو ته قانوني معاملن تي سڀني سياسي اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري سان اڳڀرائي ڪئي ويندي.
صدر مملڪت وزيراعظم کي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.ان صورتحال ۾ ملڪ جي ٻنهي اقتداري ۽ اتحادي جماعتن جي پريشاني ۾ اضافو ڪندڙ تحريڪ انصاف آهي جن کي ڳالهين جي ميز تي آڻي حڪومت وڏي غلطي ڪئي آهي ڇوته عمران خان اهڙا مطالبا سامهون رکيا آهن جيڪي شهباز حڪومت جي مڃڻ کان مٿانهان آهن. انڪري پي ٽي آءِ قيادت جو چوڻ آهي ته اسان انهن سان ڳالهيون ڪنداسين جنهن وٽ فيصلي ڪرڻ جا اختيار هجن. انهن بيانن مان لڳي ٿو ته شهباز شريف بااختيار ناهي ۽ ٽيون هٿ پنهنجي فائدي جا فيصلا ڪرائڻ چاهي ٿو. بلاول ڀٽو انهي سموري معاملي تي خاموشي اختيار ڪيو ويٺو آهي ۽ گذريل ڏينهن سندس ايوان صدر ۾ اهم ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ رياست جي اهم سرگرم شخصيتن جي شرڪت جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن. جن مان لڳي ٿو ته ڪنهن معاملي تي رياست پهچڻ واري آهي ۽ ان لاءِ سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. ان ملاقات ۾ جڏهن وزارت داخلا، وزارت دفاع ۽ بلاول ڀٽو به موجود هجي ته پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته صورتحال ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهڙا ڪهڙا اهم معاملا آهن جنهن جي ڪري اهي ملاقاتون ٿي رهيون آهن ۽ ايوان صدر ۾ ڪا نئين کچڻي پچي رهي آهي. ٻي اهم خبر سائفر جي حوالي سان آهي ته عمران خان ان کي پڌرو ڪيو ۽ ان کي هڪ پوليٽيڪل ٽول جي طور تي استعمال ڪيو ۽ بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب ڪرائيندڙ سڀني سياسي ڌرين کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اينٽي آمريڪن سينٽيمينٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿيو. هن وقت لڳي ٿو ته ان سائفر واري معاملي کي ٻيهر اٿاريو ويندو. هاڻي فخر دراني هڪ خبر ڏني ته اسد منير جي ڊونلڊ لو سان ملاقات ٿي هئي اها ملاقات ٽي ڪلاڪ جاري رهي هئي اها ملاقات رڳو عمران خان جي يوڪرين جي دوري تي نه هئي پر ان جا 11 نُڪتا هيا. انهن نُڪتن ۾ انساني اسمگلنگ سميت ٻيا معاملا به شامل هئا.
ان ملاقات ۾ رڳو ٻه نُڪتا عمران خان جي حوالي سان هئا هڪ سندس روس جي دوري بابت هيو ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين تي حملي واري ووٽنگ ۾ پاڪستان جو لاتعلق رهڻ آمريڪا کي نه وڻيو هيو. ٻيو نُڪتو پاڪستان اندر سياسي تبديلين جي باري ۾ هيو ته آمريڪا ان کي گهري نظر سان ڏسي رهيو آهي.
هاڻي ٽرمپ انتظاميه جي چارج وٺڻ واري وقت ۾ اهڙي خبر جو اچڻ معني خيز آهي. هن مهل تائين سائفر جي ڪاپي به گم آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ سائفر وارو معاملو وڃي ٿو ته امڪاني طور تي اصل ڪاپي اتي پيش ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ مختلف اشوز تي اختلاف هلي رهيا آهن. سو ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ اسحاق ڊار، محسن نقوي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر به موجود هئا. ملاقات دوران نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ اختلافن کي نبيرڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن ۽ اسحاق ڊار کين يقين ڏياريو ته ساڻن طئي ٿيل معاملا نڀايا ويندا. ان سان گڏ ڪابينا ۾ واڌ تي به ڳالهيون ٿيون آهن ته بلاول ڀٽو زرداري نائب وزيراعظم ۽ فارين منسٽر طور شامل ٿي سگهي ٿو پر في الحال بلاول ڀٽو پاران انڪار ڪيو ويو ۽ بااختيار وزير اعظم ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو کي ملڪ جو نائب صدر بنائڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي بلاول ڀٽو ڪهڙي زميواري قبول ڪري ٿو