پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ دھشت گردي، اسمگلنگ سميت ٻيا اھڙا ڪيترائي مسئلا آھن جن جي ڪري ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي سدائين ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي ٿي. ساڳي وقت موجوده طالبان حڪومت اھو ساڳيو ھٿ جھليو آھي جڏھن به ٿوري ڪا ڳالهه افغانستان ۾ ٿيندي آھي ته ان به انڊيا وانگر پاڪستان تي الزام ھنيو آھي جنھن ڪري ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ختم ناھي ٿي سگھيو. اپريل 1948ع ۾ جڏهن قائداعظم محمد علي جناح طورخم بارڊر جو دورو ڪيو، ته پاڻ سرحدي زنجير پار ڪري ٻي پاسي افغان بارڊر تي بيٺل افغاني گارڊ سان هٿ ملائي چيو ته ” واگهه ٻن قومن کي ورهائيندڙ سرحد آهي، جڏهن ته طورخم هڪ قوم جي ٻن ملڪن کي ڳنڍيندڙ سرحد آهي“ پر قائد جي محبت خلوص جي ابتڙ سندس ڳالهه تي ڪو عمل ٿي نه سگھيو آھي.
اھي مسئلا هجڻ باوجود به پاڪستان ڪڏھن به افغان بارڊر کي بند يا سختي نه ڪئي، ايستائين جو افغانستان ۾ آمريڪي مداخلت کان پوءِ دهشتگردي جون نرسريون کوليون ويون، تڏهن به پاڪستان ڪڏهن به افغان سرحد تي فوج مقرر نه ڪئي، سواءِ ان وقت جي جڏهن امريڪا ۽ ڀارت جي مدد سان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جون ڪارروايون تيز ٿيون. ٻي ڳالهه اها ته آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ به ڪي اهڙا عنصر آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن قائم ٿيڻ نٿا ڏين، ۽ اهي گڏيل دشمنن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن.
مسئلي جو حل ڇڪتاڻ يا الزام تراشي ۾ نه پر رابطا بحال ڪرڻ، ڳالهه ۾ پيش رفت ۽ واڌارو ڪرڻ، ۽ گڏيل دشمنن خلاف گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۾ آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان پوءِ رابطا بحال ٿيڻ هڪ سٺو قدم آهي پر ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته دل کولي هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌن ۽ گڏجي دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن جو حل ڳولين ڇو ته ٻنھي ملڪن جو نقصان گڏيل آهي ۽ گڏجي موقعي مان فائدو وٺن ھونئن به افغانستان، هڪ اھڙي سر زمين تي آھي جنھن کي زميني يا سامونڊي واپار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي ضرورت ھوندي آھي، ڇوته ھي ملڪ زميني طور ھڪ گھيريل ملڪ آهي ۽ ٻاهرين دنيا سان واپار لاءِ پنهنجن ٻن پاڙيسري ملڪن تي ڀاڙڻ تي مجبور آهي.
اھا ٻي ڳالهه آھي کيس روس مان آزادي حاصل ڪيل ملڪ تاجسڪستان ازبڪستان ۽ ترڪمانستان پاڙي ۾ آھن ۽ چائنا جو بارڊر به لڳيس ٿو، پر اتان کيس ايترو آسرو نه اٿس جيترو پاڪستان سان واپار ھليس ٿو تنھن ڪري کيس اوڏانھن کان اھڙا خاص واپار جا موقعا ميسر ناھن جھڙو لاڀائتو سولو واپار پاڪستان ۽ ٻئي نمبر تي ايران کان مليس ٿو. جتي گھٽ وقت ۽ گھٽ قيمت ۾ گھڻي منافعي وارو ٿئي ٿو.
افغانستان کي پنهنجي انهيءَ مجبوري سبب 1965ع ۾ ۽ پوءِ 2010ع ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو ڪرڻو پيو، جنهن جي تحت پاڪستان افغانستان کي زميني رستن ذريعي نه رڳو پنهنجي بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جو معاھدو ڪيو، پر انهن معاهدن تحت ان کي بين الاقوامي ضمانتن سان گڏ ڪيتريون ئي سهولتون پڻ حاصل آهن انهن معاهدن تحت افغانستان پاڪستان سان گهڻو ڪري واپار طورخم ۽ چمن جي رستن ذريعي ڪندو رھيو ٿي، پر ڪجهه وقت کان افغان حڪومتي پاليسين ۽ دھشت جي واقعن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي گڏيل واپار ۾ ڪجهه خلل ۽ رڪاوٽون پيش اچي رهيون آهن، جنھن جي ڪري فغانستان ۾ واپاري سرشتو ختم ٿيڻ تي بيٺو آھي افغانستان ۾ سامان جي رسد نه ھجن ڪري خوراڪ جي کوٽ سميت واپاري عمل متاثر ٿي رهيو آھي ان ڪري ملڪ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرار واري صورتحال به پيدا ٿي وئي آهي.
افغانستان ۾ جڏھن کان طالبان جي عبوري حڪومت آئي ھئي، ته عام تاثر اهو ئي ھو ته پاڪستان ۽ ڪابل جي حڪومت ۾ ويجهڙائپ وڌندي، پر ائين نه ٿي سگهيو، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلا وڌيڪ وڌي ويا آهن ساڳي وقت پاڪستان جي حڪمرانن کي ڀلي ڀت خبر آھي افغانستان جا حڪمران ڪھڙي نيت جا آھن چاھي اڳوڻا طالبان ھجن يا حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جي حڪومت ھجي چاھي موجودہ طالباني طرز حڪومت ھجي انھن پاڪستان کان وڏا فائدا ضرور ورتا آھن پر پاڪستان کي سدائين نقصان ڏنو اٿن.
افغانستان ۾ انڊيا جي بالادستي ختم ٿي ويندي پر افغان طالبان عبوري حڪومت نه رڳو ٽي ٽي پي جي حمايت کان دستبردار ٿي ٿئي نه وري پاڪستاني چوڪين تي حملا ڪرائڻ کان باز اچي ٿي ان جو اندازو ڪجهه وقت کان پاڪستاني فوجي چوڪين تي ھيستائين جي ڪيل حملن مان ڪري سگھجي ٿو پر تازو صدر ٽرمپ جو اليڪشن ۾ کٽي اچڻ افغان طالبان جي عبوري سيٽ اپ جي وري اک کولي ڇڏي آھن جيڪا مجبور ٿي آمريڪا سان نه رڳو ٺاھ جي ڳالهه ڪئي آھي پر پاڪستان سان ڳالهيون ڪري واپار سميت ڪافي مسئلن جي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آھي جنھن ڪري گذريل هفتي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڊگھي عرصي کان پوءِ وڪيل ڳالهين جو عمل ٻيهر بحال ٿي ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ تازو مقرر ڪيل نمائندو خاص براءِ افغان معاملن جي محمد صادق ڪابل ويو آھي. جتي هن افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ افغان گهرو وزير ملا سراج الدين حقاني سان ملاقات ڪئي آھي، جتي انهن ملاقاتن ۾ پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ مسئلن کي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ ۽ سياسي، معاشي، تجارتي ٽرانزٽ جي شعبن ۾ موجوده گڏيل سھڪار کي بهتر نموني استعمال ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو آھي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻئي پاسي افغان وزير خارجه چيو آھي ته افغانستان جي حڪومت پاڪستان سان مثبت لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي، تجارتي ۽ ٽرانزٽ شعبن ۾ موجوده موقعن کي بهتر استعمال ڪري سگهون ٿا. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ موجوده مسئلن جي حل لاءِ اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون آھن. جنهن سان اميد ڪري سگهجي ٿي ته خطي ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر ٿيندي جنهن سان ٻنهي ملڪن جا مفاد جڙيل آهن.