ڪراچيءَ جي روشنين ۽ ا ونداهين کي چُٽيندڙ ناول

صحافت ۾ پنهنجو نالو اهميت سان داخل ڪرائيندڙ اسان جو دوست دودو چانڊيو ڪڏهن ادب لکڻ سکيو، پتو نه هُئو، هو اڳ ۾ سياسي ڪارڪن هُئو اهو سندس ڳالهين ۽ ڪچهرين مان ظاهر ٿيندو هُئو، هن جو پهريون ناول ”ڪراچيءَ ڏانهن واپسي“ ڇپيو جنهن جو ذڪر ٻڌڻ ۾ آيو، ادبي حلقن کان وڌيڪ صحافتي حالتن ۾! ناول ڪيئن هُئو، اڄ تائين منهنجي اڻ ڄاڻائي ساڳي آهي، جيڪا ناول ڇپجڻ کان اڳ ۾ هئي.

دودي چانڊئي جو ٻيو ناول ”سمانيءَ جي ڪراچي“ ڇپيو، منهنجي دوست مرتضيٰ لغاري موڪلي ڏنو، سندس اداري پاران ڇپايو ويو آهي يقينن سندس موهه هوندو ته منهنجي اداري جو ڪتاب پڙهيو وڃي، هڪ سَڌَ جو پوراءُ ٿيو، مون تڪڙ ۾ ناول پڙهي ورتو ۽ اوتري ئي تڪڙ ۾ ڪجهه لفظ لکي ورتا سماني جي شان ۾ جيڪا هن ناول جي نائڪا آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ آهي ۽ ڪتاب پڙهندڙ آهي، مارڪسي فلاسافيءَ جا!

ناول جو نائڪ هڪ اخبار ۾ ڪم ڪندڙ آهي، غالبن بنڊل ٻڌندڙ، جنهن کي سماني ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوي ٿي ۽ هو جاسوسي ڊائجسٽ پڙهڻ شروع ڪري ٿو، جتان سندس زندگيءَ جي شروعات ٿئي ٿي ۽ پوءِ هُو جهڙوڪر پاڻ به جاسوسي ناول جو هڪ ڪردار بڻجي وڃي ٿو، سندس زندگي اهڙن ئي واقعن ۽ حادثن سان هلندڙ آهي، واقعا قبولڻ جهڙا يا نه قبولڻ جهڙا گهٽ ڪيئن چئجي، ڇو ته فڪشن جي گهرج پنهنجي آهي تنهن هوندي منجهس شامل ڪيل صحافت ۽ سياسي تبليغ کي پري ڪري سگهڻ نه رڳو مشڪل آهي پر مها مشڪل آهي، ٽيون زور وارو پاسو ناول جو جاسوسي ٽريٽمنٽ وارو آهي، سماج سنڌ جو آهي ۽ ناول سمورو ڪراچيءَ جو آهي،  جنهن جي پڄاڻيءَ ۾ نائڪ جي اها ڀاڄ آهي جيڪا کيس ڪراچيءَ کان ڳوٺ وڃڻ جي آهي، ممڪن آهي ته ناول جي اها ناڪاميابي هجي.

حالتن سان منهن ڏيئي جيئڻ بهادري آهي، اها سياست ۾ هجي، صحافت ۾ هجي يا ادب ۾ هجي اهم آهي. زندگي پنهنجي پاڻ ۾ الڳ آهي جيڪا کٽ توڻي هار جو جوڙ آهي.

ٻئي طرف دودي جو هيءُ ناول سنڌي ناولن جي ان قطار ۾ ته آهي ئي آهي، جيڪا سنڌي ادب کي ناول جي صنف ۾ شاهوڪار ڪري رهي آهي، اها شاهوڪاري اڳتي هلي وقت ثابت ڪندو. ڪنهن به تڪڙ جي گهرج نه آهي، صحافت کان ادب ڏانهن ايندڙ ڪيترا نالا ادبي سڃاڻپ ماڻي چڪا آهن، دودي چانڊئي لاءِ اهڙي نيڪ خواهش ته آهي ئي.

هونئن ساڳئي مرتبي وارو نالو صحافت ۾ به حاصل ڪري سگهجي ٿو، فقط ادب ئي نه آهي، گهڻا شعبا آهن، هڪ سئو ڇائيتاليهه صفحن جو هي پڪي جلد وارو ناول ڪراچيءَ کي فوڪس ڪري ٿو. يعنيٰ صنعتي سماج کي فلحال اهو عمل هڪ ئي وک اڳتي آهي، جيڪا دودي جي ناول جي ڪاميابي آهي دودو لکڻ جي مشق سان ناول ۾ اميد ڀري شروعات کڻي آيو آهي، اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي، لکندڙ لاءِ اِها ڳالهه اول آهي ته هُن جا ڪردار ڳالهائين، لکندڙ بنهه نه! ڇاڪاڻ ته فڪشن جي تقاضا اِها آهي.

ٻي خوشي ڏيندڙ ڳالهه اِها آهي ته ناول ڪنهن به مهاڳي بار کان آجو آهي، ڪجهه سِٽون بيڪ ٽائيٽل تي اسان جي يار ادل سومري صاحب جون لکيل آهن ۽ باقي سڀ ڪجهه دودي چانڊئي جو آهي، ”سمانيءَ جي ڪراچي“ ناول مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ ڇاپيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *