ڪراچي (رپورٽر ) عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو آهي ته ڪنهن به قوم کي پنهنجي وطن ۾ اڪثريت سان رهڻ جو جمهوري حق آهي، سنڌ ۾ ٻاهرين آبادڪاري لاءِ حڪومت طرفان قانون سازي ڪري ڌارين کي ورڪ پرمٽ ڏئي کين شهري حق ڏنا وڃن، ذوالفقار ڀٽو نعپ تي پابندي وجهڻ لاءِ اينٽي نيشنلسٽ ايڪٽ جاري ڪيو هو، اهو اڃان تائين لاڳو آهي، رسول بخش پليجو مارڪسي فڪر سان لاڳاپيل ته هو پر هن کاٻي ڌر خلاف نقوي نازشي مضمون لکڻ سان گڏ جي ايم سيد جي به مخالفت ڪئي هئي، پاڪستان کي گهڻ قومي رياست تسليم ڪري قومن جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو عوامي ورڪرز پارٽي جي آفيس ۾ پنهنجي ڪتاب "قوم، قوم پرستي” تي ٿيل هڪ ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته جي ايم سيد پنهنجي جاگيردار طبقي کي ڇڏي هارين ۽ غريبن سان واسطو جوڙيو هو. هن چيو ته ڪجهه کاٻي ڌر جا دوست مارڪسزم ۽ قومي سوال کي الڳ ڪري پيش ڪن ٿا، مائوزي تنگ، هوچي منهه طبقاتي جدوجهد سان گڏ قوم دوست به هئا، قوم پرستي ۽ قومي سوال ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي قوم پرست جدوجهد جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي، سنڌ جمهوريت، ڪورٽ جي آزاديءَ سميت طويل پائيدار جدوجهد ڪندي رهي آهي، بخشل ٿلهو چيو ته ڪابه قوم پنج هزار قديم نه ٿي ٿئي سگهي، قوم جو تصور جديد سرمائيدار نظام جي پيداوار آهي ۽ ملڪ ۾ جيستائين جاگيرداري نظام آهي،قومي سوال حل نه ٿي سگهندو، جديد قوم پرستي نسلي نه پر شهري مسئلو آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر اياز ملڪ چيو ته سنڌ ۾ قومي سوال ۽ ڪراچي شهر جي سوال کي پاڻ ۾ ڳنڍي قومي سوال جي نئين وصف ترتيب ڏيڻي پوندي، قومي سوال جي نوعيت بدلجندي رهي ٿي، ڇو ته وڏن شهرن جا به مسئلا آهن، ڪراچي جي مسئلي کي سنڌ جي قومي سوال سان لاڳاپو قائم ڪرڻو پوندو شهر پٺاڻن ۽ بلوچن جو به وڏو شهر آهي، ٻيا به هتي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ پاڪستان جي ايم سيد جي قرارداد، ڪانگريس مسلم ليگ ۽ ڀڳت سنگهه جي ويڙهه ڪري نه برطانيا آمريڪا جي گڏيل سازش جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو.